تاحيات نااهلي: سپريم ڪورٽ بار جي درخواست اعتراض لڳائي واپس

0
215
سپريم ڪورٽ: صدارتي

اسلام آباد (بيورو)  سپريم ڪورٽ بار جي تاحيات نااهلي واري درخواست کي اعتراض لڳائي واپس ڪيو ويو آهي

ذريعن موجب سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار تاحيات نااهلي واري معاملي تي سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جي درخواست تي اعتراض واريندي ان کي واپس ڪري ڇڏيو آهي

رجسٽرار آفيس جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني لارجر بينچ اڳ ئي تاحيات نااهلي واري معاملي تي فيصلو ڏئي چڪي آهي، تنهن ڪري درخواستگذار هڪ انفرادي طور شڪايت کڻي آيو جيڪو 184/3 جي دائري اختيار ۾ نٿو اچي، 184/3 جا اختيار ٻڌڻي بابت اٿاريل نقطا اطمينان جوڳا ناهن

ذريعن موجب سپريم ڪورٽ بار پاران رجسٽرار آفيس جي اعتراضن خلاف اپيل داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي