چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد اڄ رٽائر ٿي ويندو

0
125

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد اڄ پنهنجو مدو پورو ٿيڻ تي رٽائر ٿي ويندو، جنهن کانپوءِ جسٽس عمر عطا بنديال 28 هين چيف جسٽس طور حلف کڻندو

جسٽس گلزار احمد 2 سال 2 مهينا 10 ڏينهن چيف جسٽس آف پاڪستان رهيو

چيف جسٽس گلزار احمد 2002ع ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ٿيو هو ۽ 2007ع ۾ پي سي او جو حلف نه کڻڻ تي کيس معطل ڪيو ويو هو

چيف جسٽس گلزار احمد 2011ع ۾ بحال ٿيو، جنهن بعد کيس سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ڪيو ويو

سپريم ڪورٽ بار جي الوداعي ڊنر کي خطاب ڪندي چيف جسٽس گلزار احمد چيو ته وڪيلن جا مسئلا فوري طور حل ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي