بڊاڻي (ن پ ا) بڊاڻي ويجهو  ڳوٺ اٽل مزاري واسي ٻه ڏينهن اڳ درياءُ پار ڪچي واري علائقي ۾ مال چاريندي  8 ورهين جو نور محمد مزاري پير ترڪڻ سبب ٻڏي فوت ٿي ويو هو، لاش ٻن ڏينهن کان هٿ نه اچي سگهيو آهي. اٽل مزاري، لهڻو مزاري، شالو مزاري چيو ته نينگر ٻه ڏينهن اڳ مينهون چارڻ لاءِ ڪچي جي ڳوٺ واحد ڏنو چاچڙ ۾ درياءُ جي ڍنڍي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو. نينگر جي لاش جي ڳولا ۾ ضلعي انتظاميا ڪابه مدد نه ٿي ڪري، نينگر جي لاش جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.