لاڙڪاڻو (رپورٽ :نويد لاڙڪ) شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو ۾ ڀرتين وارو معاملو، اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ اڳوڻي وائيس چانسلر جي 3 ورهين واري دور ۾ ٿيل ڀرتين جو رڪارڊ طلب ڪري جانچ شروع ڪري ڇڏي آهي، اينٽي ڪرپشن لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر آفيس ۾ ھڪ شھري امير حسين آريجو طرفان يونيورسٽي ۾ اڪائونٽنٽ طورڀرتي ٿيل سعديه سرھيو ۽ ٻين خلاف ڏنل شڪايتي درخواست  تي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي، شھري امير حسين  شھيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻي ۾ اڪائونٽنٽ طور  ڀرتي ٿيل سعديه سرھيو ۽ ٻين خلاف اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ ۾ ھڪ درخواست داخل ڪرائي. جنھن تي اعليٰ اختيارين منظوري ڏئي انڪوائري جو حڪم ڪيو. جنھن کان پوءِ ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن آفيس يونيورسٽي جي رجسٽرار ڏانھن 2019 کان – 2022  تائين جو اڳوڻي وائيس چانسلر پروفيسر انيلا عطاءَ الرحمان جي دور ۾ ٿيل مڪمل ڀرتين جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي. ڄاڻايل ليٽر ۾ 2019 کان 2022 تائين مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيل ڀرٿين جي اشتھارن، سعديه سرھيو جي ڏنل ٽيسٽ ۾ کنيل مارڪون ۽ ميرٽ نمبر سان گڏ سمورن ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن جي ميرٽ لسٽ، 2019 کان 2022 تائين ريگيولر ، ڪانٽريڪٽ ، ڪانٽيجنسي تحت  ڊيلي ويجز مقررين جو مڪمل تفصيل، سعديه سرھيو جي مقرري جي سموري تفصيل سميت ٻين اميدوارن جا  آفر آرڊر ، اپائنٽمنٽ ۽ پوسٽنگ آرڊرن جو مڪمل رڪارڊ، سعديه سرھيو جو اڪيڊمڪ رڪارڊ ، ڊوميسائيل ۽ پي آر سي سميت ۽ ٻين اميدوارن جو رڪارڊ، پگهارن جا تفصيل، ملازمن جي ريگيولر ڪرڻ  جي رڪارڊ سميت  رجسٽرار کي  26 آڪٽوبر 2022 تي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.