ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) انساني حقن بابت خاص معاون سريندر ولاسائي چيو آهي ته دنيا جي تعمير ۽ ترقي سٺي سوچ سان ئي جڙيل آهي، اسان پنهنجي سوچ سان ئي سماج ۾ تبديلي  آڻي سگهون ٿا، سوچ جي تبديلي جو بنياد برابري سان ئي شروع ٿئي ٿو، برابري جي بنيادن تي ڪم ڪنداسين ته اسين اڳتي وڌي سگهنداسين، ڪالهه هتي اسڪائوٽس آڊيٽوريم ۾ هڪ اين جي اوز پاران ”سوچ ڪو بدلو“ جي عنوان هيٺ ڪوٺايل سيمينار کي  خطاب ڪندي خواجا سرائن جي حق لاءِ جاکوڙيندڙ زعرش خانزادي چيو ته اسين کدڙا فقير سڀ کان وڌيڪ سماجي ناانصافين جو شڪار آهيون، کدڙي فقير جي پيدا ٿيندي ئي کيس والدين قبول نٿا ڪن ۽ گهران ڪڍي ڇڏين ٿا، پوءِ اهي روڊن تي پنڻ سميت ٻين برائين جي ور چڙهي وڃن ٿا، انهي پٺيان سماجي روين جو هٿ آهي، اهي رويا ۽ سوچ تبديل ڪنداسين ته کدڙا فقير  به ٻين انسانن واري زندگي گذاريندا، سماجي اڳواڻ ساجده بلوچ چيو ته اسين ٻين مان اميد رکون ٿا ته اهي سوچ بدلائين پر پاڻ پنهنجي سوچ نٿا بدلايون، تبديلي جي شرعات گهر کان ڪرڻي پوندي، سيمينار کي نسيم شيخ، زين العابدين، همايون وقاص، رشيده شمسي ۽ ٻين خطاب ڪيو پڻ ويچار ونڊيا،