ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي مان ناڻي کاتي ۽ ٽرانسپورٽ بابت 2 ڌار ڌار بل پاس ڪيا ويا، اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ پارلياماني معاملن واري وزير مڪيش ڪمار چاولا بل پيش ڪيا، ايوان صوبائي گاڏيون ترميمي بل 2021ع منظور ڪري ورتو، اُنهي بل تحت سنڌ حڪومت پاران هڪ تاريخ مقرر ڪئي ويندي، تنهن کانپوءِ صوبي ۾ بنا ٽريڪر موٽرسائيڪلون هلائڻ تي پابندي هوندي، اسڪولي وينن ۽ ٻين پبلڪ سروس گاڏين ۾ سي اين جي ۽ ايل پي جي ڪٽس لڳائڻ تي پابندي هوندي، بل ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته موٽرسائيڪلن جي وڏي پيماني تي چوري ٿي رهي آهي، ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن ۾ پڻ چوري ٿيل موٽرسائيڪلون استعمال ٿي رهيون آهن، اُنهي ڪري ٽريڪر سسٽم لازمي قرار ڏنو پيو وڃي. اهڙي طرح اسڪول وينن سميت ٻين پبلڪ گاڏين ۾ سي اين جي ۽ ايل پي جي سلنڊر لڳائڻ سان حادثا ٿي رهيا آهن، اجلاس ۾ ”سنڌ پبلڪ فنانس ايڊمنسٽريشن بل“ ايم ڪيو ايم جي خواجا اظهارالحسن جي اعتراضن باوجود منظور ڪيو ويو، بل ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ جي سمورن کاتن ۾ چيف فنانس آفيسر مقرر ڪيا ويندا، جيڪي سيڪريٽرين جي مالياتي معاملن ۾ مدد ڪندا، اهڙي طرح سمورن کاتن ۾ انٽرنل آڊٽ آفيسر پڻ ڀرتي ڪيا ويندا، اُهي پوسٽون نيون پيدا ڪيون وينديون. هر کاتي يا سرڪاري اداري جي پبلڪ اڪائونٽنگ آفيسر کي فنڊن ۾ تبديلي ڪرڻ يا ٽيڪنيڪل سپليمينٽري گرانٽ گهرڻ جا اختيار حاصل هوندا، بل ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته واڌو خرچن جا تفصيل صوبائي اسيمبلي ۾ پيش ڪيا ويندا، جڏهن ته پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي ۾ پڻ واڌو خرچن جا معاملا آندا ويندا. بل تي ڳالهائيندي ايم ڪيو ايم جي ميمبر خواجا اظهار چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجن ماڻهن کي نوازڻ لاءِ چيف فنانس آفيسر جون پوسٽون پيدا ڪري رهي آهي، ملڪ جي آزادي کان وٺي کاتن جا معاملا هلي رهيا آهن، هاڻي ڪهڙي ضرورت پئي آهي جو اُهي پوسٽون پيدا ڪيون پيون وڃن؟ اهڙي طرح انٽرنل آڊٽ آفيسر پڻ ڪمائي جو نئون طريقو آهي. کاتن ۾ انٽرنل آڊٽ جو سسٽم موجود هجي ٿو ته پوءِ انٽرنل آڊٽ آفيسر ڀرتي ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ اُنهي اعتراض جي وضاحت ڪندي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي ميمبر قاسم سراج سومري چيو ته اُنهي بل جو مقصد کاتن جي مالياتي ۽ انتظامي معاملن کي بهتر ڪرڻ آهي،کاتن اندر انٽرنل آڊٽ جي نظام کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو