ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان ۾ حق ڏيو تحريڪ جو ڌرڻو، پورٽ ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش، پوليس چڙهائي ڪندي تحريڪ جي اڳواڻ حسين واڍيلو سميت 7 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس چڙهائي ۽ گرفتارين خلاف سڄي گوادر ضلعي ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي، جڏهن ته سمورن تعلقن ۾ احتجاجي ريليون ڪڍيون ويون، اورماڙا زيرو پوائٽ وٽ ملاحن ڌرڻو هنيو، جنهن ۾ هزارين عورتن سربندن ڪراس ڪوسٽل هاءِ وي کي بند ڪري ڇڏيو، مظاهرين مڪران، پسني، اورماڙا ۽ جيواڻي ۾ ڪاروبار ۽ ٽريفڪ بند ڪرائي ڇڏي، مظاهرين جو چوڻ آهي ته پوليس اٽالن رات 4 وڳي ڌرڻي تي ڪاهه ڪري اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو، اڳواڻن جي آزادي ۽ مطالبن جي مڃتا تائين احتجاج جاري رکنداسين. ٻئي طرف بلوچستان حڪومت جي ترجمان چيو آهي ته احتجاج سڀني جو حق آهي پر حق ڏيو تحريڪ جو رويو ۽ انداز چڙ ڏياريندڙ آهي، اهو رويو ملڪي نه پر بين الاقوامي سطح تي به شرمندگي جو سبب بڻجي رهيو آهي. ترجمان جو چوڻ آهي ته مظاهرين کي پورٽ ڏانهن وڌڻ کان روڪڻ لاءِ مجبور ٿي پوليس کي ڪارروائي ڪرڻي پئي، صوبائي حڪومت هاڻي به ڳالهه ٻولهه ذريعي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، امن امان ۽ شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ حڪومت جي پهرين ذميواري آهي.عمران خان تي قاتلاڻي حملي لاءِ هڪ کان وڌيڪ شُوٽر موجود هئا، جاچ دوران ثابت ٿيو آهي ته پي ٽي آءِ ڪارڪن معظم جو موت عمران خان جي گارڊ جي گوليءَ سان نه ٿيو، پولي گرافڪ ٽيسٽ مان ثابت ٿي ويو ته حملي ڪيس جو جوابدار نويد ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي: پنجاب جي گهرو کاتي جي صلاحڪار عمر سرفراز چيما ۽ مصدق صديقي جي لاهور ۾ پريس ڪانفرنس، عمر سرفراز چيما چيو ته فارينزڪ چڪاس ۾ گارڊز جي سمورن هٿيارن کي ڪليئر قرار ڏنو ويو آهي، حملو ڪندڙ يقينن هڪ کان وڌيڪ هئا، هيل تائين جي جاچ مان ثابت ٿي چڪو آهي ته حملي جي سازش سوچيل سمجهيل هئي، لانگ مارچ روڪڻ لاءِ اسان کي ڌمڪيون ڏنيون ويون هيون، عمران خان تي حملي کانپوءِ حڪمرانن مذمت ڪرڻ بدران خاموشي اختيار ڪئي، جاچ دوران طلب ڪرڻ باوجود نون ليگ جا اڳواڻ بيان ڏيڻ لاءِ نه آيا، پي ٽي آءِ ڪارڪن معظم ڪنهن جي فائرنگ ۾ مارجي ويو، ان جي جاچ اڃا ڪري رهيا آهيون.