ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان هاءِ ڪورٽ ڪوئيٽا ۾ مڪاني چونڊن جو شيڊيول معطل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. هاءِ ڪورٽ  اهو حڪم هڪ اڳوڻي ڪائونسلر عبدالڪريم لانگو جي درخواست تي جاري ڪيو. عبدالڪريم لانگو جي درخواست جي ٻڌڻ جسٽس ڪامران ملاخيل ۽ جسٽس نذير احمد لانگو ڪئي، اڳوڻي ڪائونسلر عبدالڪريم درخواست ۾ ڪوئيٽا جي تڪبندين کي چيلينج ڪيو هو. اليڪشن ڪميشن جي شيڊيول موجب ڪوئيٽا ۾ مڪاني چونڊون 28 آگسٽ تي رٿيل هيون. بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست جي ٻڌڻي 6 جولاءِ تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.