بلاول جي جلسي ۾ جنهن يوسي مان وڌيڪ ماڻهو ايندا ان يوسي کي وڌيڪ فنڊ ملندا: نفسيه شاهه جي وڊيو وائرل

0
137

اڳوڻي ايم اين اي نفيسه شاهه طرفان جيلاني هائوس خيرپور ۾ ڪارڪنن کي خطاب واري وڊيو وائرل ٿي وئي آهي

اڳوڻي ايم اين اي نفيسه شاهه جو چوڻ هو ته بلاول جي جلسي ۾ جنهن يوسي مان وڌيڪ ماڻهو ايندا ان يوسي کي وڌيڪ فنڊ ملندا

هن چيو ته مون کي 50 ڪروڙ روپين جا فنڊ ملندا آهن، 14 جنوري واري جلسي ۾ وڌ کان وڌ ماڻهو وٺي اچو

 اڳوڻي ايم اين اي نفيسه شاهه جيلاني هائوس خيرپور ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته جلسي ۾ جنهن يو سي مان وڌيڪ ماڻهو ايندا انهن کي وڌيڪ فنڊ ڏينديس

جڏهن ته اڳوڻي ايم اين اي نفيسه شاهه جي خطاب واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل آهي، صارفين دلچسپ پوسٽون ۽ ڪمينٽس ڪري رهيا آهن، ڪجهه ماڻهو نفيسيه جي حمايت ته ڪجهه ماڻهو وڊيو خلاف ڳالهائي رهيا آهن

هي به پڙهندا

آصف زرداري کي ميارون، اسماعيل ڏاهري ٽڪيٽ نه ملڻ تي روئي ويٺو