آصف زرداري کي ميارون، اسماعيل ڏاهري ٽڪيٽ نه ملڻ تي روئي ويٺو

0
264

قاضي احمد: اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو ويجهو ساٿي اسماعيل ڏاهري پارٽيءَ جي ٽڪيٽ نه ملڻ تي روئي ويٺو

 قاضي احمد ۾ تقريب کي خطاب دوران آصف علي زرداري کي ميارون ڏيندي اسماعيل ڏاهري چيو ته تون ته منهنجو پيءُ هئين، مون سان اها زيادتي نه ڪر

اسماعيل ڏاهري چيو ته قاضي احمد جي صوبائي تڪ پي ايس 39 تي منهنجو حق آهي، ان تڪ تي بهادر ڏاهري کي ٽڪيٽ ڇو ڏني وئي؟

 اسماعيل ڏاهري چيو ته تڪ جو عوام فيصلو ڪري ته صوبائي سيٽ تي ڪنهن جو حق آهي، منهنجي گهر تي پوليس چڙهايون ڪيون، مون سان زيادتيون ٿيون

هي به پڙهندا

مٽياري ۾ پيپلزپارٽي اندر اختلاف تيز، سيد علي حسين شاهه عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي