ٽنڊوباگو(ن پ ا) سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ٽنڊوباگو سميت ضلعي بدين ۾ پاڻيءَ جي کوٽ خلاف ٽنڊوباگو جي الله واري چوڪ کان پريس ڪلب تائين شاهنواز سيال، علي حيدر پنهور، احسان عمراڻي، غلام مصطفيٰ هاليپوٽو ۽ رجب عمراڻيءَ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي. احتجاج ۾ ضلعو بچايو تحريڪ
جي اڳواڻ لالا نواز، غلام محمد دلبر سنڌي ۽ لکاڏنو عمراڻي ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي. هنن ضلعي جي واهن ۽ شاخن ۾هٿرادو واربندي کي ضلعي اندر زراعت کي تباهه ڪرڻ جي سازش قرار ڏيندي چيو ته بدين ضلعي جي ماڻهن کي معاشي طور تباھ ڪيو پيو وڃي. حڪمرانن سنڌ جي ماڻهن کي پنڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. هنن گهر ڪئي ته بدين ضلعي کي برساتن دوران تباھ ڪندڙ سم نالن جي هنگامي بنيادن تي کاٽي ڪرائي وڃي ۽ سمورن واهن ۾ فوري طور پاڻي ڇڏيو وڃي جيئن بدين ضلعي ۾ سارين جي پوکائي ٿي سگهي. ان موقعي تي پ پ ڪارڪن محمد ابراهيم ترڪ، پيپلزپارٽي مان استعيفا ڏئي سنڌ ترقي پسند پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.