قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد تعلقي اندر بجلي جي ٽرانسفارمرن جي چوري شروع، علائقي واسي پريشان. قاضي احمد تعلقي ۾ ٽرانسفارمر چوري ٿيڻ وارو عمل شروع ٿي ويو، اڻڄاتل چور ڳوٺ حاجي محمد عثمان لاکو ۾ امير بخش لاکو جو ٽرانسفارمر لاھي ان مان اندران ڪوائلون ڪڍي فرار ٿي ويا. جڏهن ته حد جي ٿاڻي تي اطلاع ڏنو ويو جنهن کان پوليس سرڪاري پيري سان گڏ جاءِ واردات تي گڏ پهچي ۽ پيرا کڻايا ويا پر چور ڪجهه قدم پنڌ ھلڻ کان پوءِ موٽر سائيڪل تي چڙھي فرارٿيڻ سبب سندن جو پتو پئجي نه سگهيو، علائقي واسين آءِ جي سنڌ کان گهر ڪئي آھي ته اھڙي گروهه کي پڪڙي انصاف فراهم ڪيو وڃي.