بخشاپور (ن پ ا ) بڊاڻي جي سومرا محلا جا رهواسي ٻه ڄڻا ممتاز پٽ علي شير ۽ عمران پٽ نصير سومرو  بي ايس گڊو فيڊر ڪينال ۾ٻڏي ويا. رڙين تي هڪ نينگر ممتاز کي ڳوٺاڻن پاڻي مان ڪڍي بچائي ورتو، جڏهن ته واقعي جو انتظاميا کي اطلاع  ڏيڻ باوجود به ٽوٻا نه پهتا.  نوجوان جي امڙ ڪينال جي ڪناري اڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪندي روئيندي رهي. نصير سومرو جو لاش ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ تحت ٽن ڪلاڪن کانپوءِ هٿ ڪري ورتو. نوجوان جو لاش وارث رڪشا ريڙهي تي گهر کڻائي ويا. نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.