سکر/ روهڙي (بيورو / ن پ ا) سکر ۽ روهڙي ڀرسان سنڌوءَ درياءَ ۽ ميرواهه ڪئنال ۾ وھنجندي 3 نينگر ٻڏي ويا، ھڪ  کي مقامي ٽوٻن بچائي ورتو، ٻيو نينگر ٻڏي فوت، لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، هڪ جي ڳولا جاري. تفصيل موجب سنڌو درياءَ جي زيرو پوائنٽ وٽ وهنجندي ٿرمل ڪالوني واسي 2 نينگر گھري پاڻيءَ ۾ وڃڻ سبب ٻڏي ويا. رڙين تي مقامي ٽوٻن ھڪ نينگر کي موقعي تي بچائي ورتو، جڏھن ته 10 ورھين جو زاھد پٽ عبدالله چوھاڻ ٻڏي ويو. واقعي بعد نيوي توڙي مقامي ٽوٻن ٽن ڪلاڪن جي ڳولا بعد مقامي ٽوٻن نينگر جو لاش ڪڍي ورتو. ٻڏي ويل نينگر زاهد ڪجهه وقت اڳ ٻئي ڪلاس جي امتحان ۾ ٽِين پوزيشن حاصل ڪئي هئي. ٻئي پاسي روهڙيءَ ويجهو پٽڻي ٿاڻي جي حد ٽنڊو ٻوراهو جو رهواسي 8 سالن جو نينگر محمد سليم ميراڻي مير واھ ڪئنال ۾ وهجندي ٻڏي ويو. ان سلسلي ۾ نينگر جي والد مظفر ميراڻي جو چوڻ هو ته گرمي ۽ ٻوسٽ سبب منهنجو پٽ دوستن سان گڏ تڙ ڪرڻ لاءِ آيو هو، آخري اطلاعن تائين خانگي ٽوٻن ذريعي ڪئنال ۾ نينگر جي ڳولا جاري هئي.