پشاور (اسپورٽس نيوز) پشاور زلمي جي ڪتپان بابر اعظم جي سينچري تي سوال اٿي ويا آهن ۽ ڪمينٽريٽر سوال اٿاريو آهي ته ڇا ذاتي مقصد لاءِ سست ٿي ويو؟ ان ڏس ۾ نيوزلينڊر ڪمينٽريٽر سائمن ڊول پشاور زلمي جي ڪپتان جي سينچري تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن. ميڊيا رپورٽن موجب سائمن ڊول جو چوڻ هو ته ڇا بابر ذاتي مقصد ماڻڻ لاءِ سست ٿي ويو هو.؟ ذاتي مقصدن بدران سينچري ڪرڻ وقت بابر رن ريٽ تيز ڪرڻ تي ڌيان ڏي ها. هن وڌيڪ چيو ته بابر جي اننگز انگ اکرن جي حساب سان بهترين آهي پر کيس ٽيم لاءِ کيڏڻ جي ضرروت هئي. ياد رهي ته سائيمن ڊول پهرين به پشاور زلمي جي ڪپتان بابر اعظم تي تنقيد ڪري چڪو آهي.