برمنگهم(اسپورٽس نيوز)پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابراعظم جي قومي ٽيم جي آفيشل عرفان اڪرم سان تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن.سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي عرفان اڪرم طرفان بابر اعظم سان گڏ ڪجهه تصويرون شيئر ڪيون ويون آهن.پوسٽ جي ڪيپشن جي حوالي سان پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم کان پرستار ناراض اچي رهيا آهن.تصويرن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته بابر، عرفان سان گڏ ريسٽورنٽ ۾ ماني کائڻ کانپوءِ سيلفي وٺي رهيو آهي جنهن جي ڪيپشن ۾ عرفان ” ڊيٽ نائيٽ “ جو استعمال ڪيو جيڪو بابر جي چاهيندڙ کي صفا نه وڻيو. بابر جي ڊيٽ نائيٽ تي تبصرو ڪندي هڪ واهپيدار عبدالله لکيو ته ورلڊ ڪپ ويجهو آهي بابر جو جنڪ فوڊ کائڻ سمجهه کان ٻاهر آهي اصول طور کيس پنهنجي ڊائٽ جو خيال رکڻ گهرجي.