اڄ پنجاب ۾ چونڊون ڪرائڻ واري سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عملدرآمد نه ٿيو

0
185
اڄ پنجاب ۾ چونڊون ڪرائڻ واري سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عملدرآمد نه ٿيو
اڄ پنجاب ۾ چونڊون ڪرائڻ واري سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عملدرآمد نه ٿيو

اڄ 14 مئي تي پنجاب ۾ چونڊون ڪرائڻ واري سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عملدرآمد نه ٿي سگهيو، سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ پنجاب ۾ 14 مئي تي چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو، اليڪشن ڪميشن اڄ صوبائي چونڊون ڪرائڻ لاءِ ڪي به انتظام نه ڪري سگهي

 عدالتي حڪم باوجود وفاقي سرڪار اليڪشن ڪميشن کي چونڊون ڪرائڻ لاءِ نه پئسا جاري ڪيا ۽ نه وري سيڪيورٽي فراهم ڪئي، چيف جسٽس عمر عطا بنديال گذريل ٻڌڻي تي چيو هو ته 14 مئي تي پنجاب ۾ چونڊون ڪرائڻ وارو فيصلو برقرار آهي

 سياسي جماعتون ڳالهين دوران نتيجي تي نه پهتيون ته عدالت پنهنجو فيصلو کڻي ويهي نه رهندي، سپريم ڪورٽ سڀاڻي اليڪشن ڪميشن جي صوبائي چونڊن بابت نظرثاني درخواست جي ٻڌڻي به هلائيندي

اليڪشن ڪميشن درخواست ۾ 14 مئي تي چونڊون ڪرائڻ واري فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ جي استدعا ڪئي آهي

هي به پڙهندا

حڪومت ۽ ان جا سرپرست مون کان ڊنل آهن، هنن کي اليڪشن ۾ عبرتناڪ شڪست جو خوف آهي: عمران خان