ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) او ۽ اي ليول جا امتحان روڪرائڻ جون درخواستون رد، اين سي او سي جو فيصلو برقرار، سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪورونا ايس او پيز تحت امتحان ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته پشاور ۽ اسلام آباد ۾ امتحان ٿيندا ته پوءِ سنڌ ۾ ڪيئن روڪيون؟ ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهي ۾ ڊويزن بينچ او ۽ اي ليول جا امتحان روڪرائڻ بابت داخل ڪيل درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. ڪيمبرج يونيورسٽي جي وڪيل پاران دليل مڪمل ڪرڻ بعد اسسٽنٽ اٽارني جنرل ڪاشف پراچا دليل ڏيندي چيو ته ڏيڍ ڪلاڪ جو پيپر آهي، هر سينٽر ۾ 50 کان وڌيڪ شاگرد امتحان ۾ شرڪت ڪري سگهندا، هن چيو ته سنڌ جي تعليم واري وزير موجب سنڌ ۾ ڪيمبرج سسٽم جا 30 هزار شاگرد آهن. هن چيو ته ڪراچي ۾ 20 امتحاني سينٽر آهن، برٽش ڪائونسل پاران ايس او پيز تي عمل جي خاطري ڪرائڻ بعد اين سي او سي امتحان جي اجازت ڏني، هن چيو ته لاهور ۽ اسلام آباد جي هاءِ ڪورٽن به امتحان نه وٺڻ واريون درخواستون رد ڪيون آهن . امتحان وٺڻ جي حق ۾ درخواست داخل ڪرائيندڙ ايڊووڪيٽ عاصم منصور دليل ڏيندي چيو ته عدالت ۾ اهي ٻارڙا موجود آهن، جيڪي امتحان ۾ وري ويهڻ نٿا چاهين ، عدالت کان ٻاهر 200 جي لڳ ڀڳ شاگرد موجود آهن، جن ماسڪ به ناهي پاتو پر امتحان ۾ ويهڻ نه ٿا چاهين. ان موقعي تي جسٽس محمد علي مظهر رمارڪس ڏيندي چيو ته پشاور ۽ اسلام آباد ۾ امتحان ٿيندا ته پوءِ سنڌ ۾ ڪيئن روڪيون؟ عدالت دليل ٻڌڻ بعد امتحان نه وٺڻ واريون درخواستون رد ڪندي اين سي او سي جو فيصلو برقرار رکيو. 6 صفحن تي مشتمل تحريري فيصلي ۾ عدالت چيو ته ڪورونا صورتحال ۾ ڪا به اضافي في وصول نه ڪئي وڃي.