ايم اين اي خالد مگسي ۽ ايم پي اي طارق مگسي خلاف امداد جويو جو قتل ڪيس داخل

0
464

شهدادڪوٽ (رپورٽر) جهل مگسي ۾ فائرنگ ڪري ماريل امداد جويو جو ايم پي اي طارق مگسي ۽ سندس ڀاءُ ايم اين اي خالد مگسي خلاف قتل ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

 مقتول امداد جويو جي ڌيءَ ارباب جي فرياد تي ليويز ٿاڻي ميرپور تي ايم پي اي ۽ ايم اين اي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، امداد جويو کي 4 ڏينهن اڳ جهل مگسي ۾ زمين جي تڪرار تان قتل ڪيو ويو هو

 مقتول امداد جويو جي نياڻين کي احتجاج کان روڪڻ لاءِ اوستا محمد ويجهو پوليس تشدد جو نشانو بڻايو، ايس ايڇ او ڪيٽل فارم طالب لاشاري مقتول جي نياڻين کي چماٽون به هنيون هيون

ٻئي پاسي ايم اين اي مير خالد مگسي پنهنجي ۽ ڀاءُ خلاف قتل ڪيس داخل ٿيڻ کي سياسي انتقام قرار ڏئي ڇڏيو آهي

 ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي خالد مگسي چيو ته منهنجو قتل سان ڪو به تعلق نه آهي، سياسي مخالفن پاران مون کي ۽ منهنجي ڀاءُ کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسايو پيو وڃي، جويا ۽ مگسي برادري جي ٻن ڌرين ۾ 80 واري ڏهاڪي کان زمين تان تڪرار هلندڙ آهي

 امداد جويو جي قتل جي مذمت ڪيون ٿا، ٻنهي ڌرين کي جرڳي ۾ ويهاري تڪرار جو نبيرو ڪيو وڃي، سياسي ماڻهو آهيون، ڪيس کي منهن ڏينداسين