ايشيا ڪپ 2023 جي افتتاحي ميچ ۾ پاڪستان نيپال کي 238 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

0
230
ايشيا ڪپ 2023 جي افتتاحي ميچ ۾ پاڪستان نيپال کي 238 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي
ايشيا ڪپ 2023 جي افتتاحي ميچ ۾ پاڪستان نيپال کي 238 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

ملتان ۾ کيڏيل ايشيا ڪپ جي پهرين ميچ ۾ پاڪستان نيپال خلاف ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو

قومي ٽيم ڪپتان بابر اعظم ۽ افتخار احمد جي شاندار بيٽنگ جي بدولت نيپال کي 343 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو، جواب ۾ مهمان ٽيم 24 هين اوور ۾ 104 رنسن تي ڍير ٿي وئي

پاڪستان جي اننگز

انهيءَ کان اڳ ايشيا ڪپ 2023 جي افتتاحي ميچ ۾ پاڪستان نيپال کي کٽڻ لاءِ 343 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو

ملتان ۾ جاري ايشيا ڪپ جي پهرين ميچ ۾ پاڪستان نيپال خلاف ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو

قومي ٽيم ڪپتان بابر اعظم ۽ افتخار احمد جي شاندار بيٽنگ جي بدولت نيپال کي 343 رنسن جو جبل جهڙو هدف ڏنو آهي

پاڪستان جڏهن پنهنجي اننگز جي شروعات ڪئي ته قومي ٽيم جا اوپنر جلد ئي پويلين موٽي ويا، فخر زمان 14 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو، جڏهن ته امام الحق 5 رنسون ٺاهي رن آئوٽ ٿي ويو. ان موقعي تي رضوان ۽ بابر اعظم ذميواراڻي بيٽنگ ڪئي ۽ مجموعي اسڪور کي 111 رنسن تائين پهچايو

رضوان 44 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، ان کانپوءِ آيو آغا سلمان 5 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو

ان موقعي تي آيل بيٽسمين افتخار احمد ڪپتان جو ڀرپور ساٿ ڏنو، بابر اعظم آخري اوور ۾ 151 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، جڏهن ته افتخار احمد 71 بالن تي 109 رنسن جي جارحاڻي اننگز کيڏي ناٽ آئوٽ رهيو

قومي ٽيم مقرر 50 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 342 رنسون ٺاهيون

نيپال لاءِ سومپل ڪمي 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو جڏهن ته ڪرن ۽ سنديپ لميچا هڪ هڪ وڪيٽ ورتي

ٽاس جي موقعي تي قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جو چوڻ هو ته پچ سٺي لڳي رهي آهي، خشڪ آهي، اسان پنهنجي ڪرڪيٽ مان مزو وٺنداسين، ايشيا ڪپ ۾ سٺي ڪرڪيٽ کيڏنداسين

هڪ ڏينهن اڳ پلينگ اليون جو اعلان ڪرڻ بابت سوال تي بابر چيو ته هو ميچ لاءِ پراعتماد آهي، ان ڪري پلينگ اليون جو اعلان اڳ ئي ڪيو ويو هو

نيپال ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان روهت پوڊيل چيو آهي ته پهريون ڀيرو ايشيا ڪپ کيڏي رهيا آهيون، وڪيٽ بيٽنگ لاءِ سٺي لڳي رهي آهي.

ايشيا ڪپ جي پهرين ميچ لاءِ پاڪستان گذريل رات نيپال خلاف پلينگ اليون جو اعلان ڪري ڇڏيو، ٽيم ۾ 3 تبديليون ڪيون ويون آهن.

سعود شڪيل، وسيم جونيئر ۽ آل رائونڊر فهيم اشرف جي جاءِ تي افتخار احمد، حارث رئوف ۽ نسيم شاهه کي شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو

افتتاحي ميچ لاءِ پاڪستاني ٽيم ۾ ڪپتان بابر اعظم، شاداب خان، فخر زمان، امام الحق، سلمان علي آغا، افتخار احمد، محمد رضوان، محمد نواز، نسيم شاهه، شاهين آفريدي ۽ حارث رئوف شامل آهن

نيپال جي اننگز

343 رنسن جي هدف جي تعاقب ۾ نيپال جي بيٽنگ لائن اپ پنن وانگر ٽڙي پکڙي وئي

نيپال جي پوري ٽيم 104 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، سومپل ڪامي 28 رنسون ۽ عارف شيخ 26 رنسون ٺاهي نيپال جي ٽاپ اسڪورر رهيا، ان کانسواءِ ڪو به نيپالي بيٽسمين گهڻو وقت وڪيٽ تي ويهي نه سگهيو

 

پاڪستان طرفان شاداب خان 4 رانديگرن کي پويلين موڪليو، شاهين شاهه آفريدي ۽ حارث رئوف 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، نسيم شاهه ۽ محمد نواز هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي