جي ڊي اي پاران سنڌ ۾ پ پ مخالف مضبوط اتحاد ٺاهڻ جو اعلان

0
316
جي ڊي اي پاران سنڌ ۾ پ پ مخالف مضبوط اتحاد ٺاهڻ جو اعلان
جي ڊي اي پاران سنڌ ۾ پ پ مخالف مضبوط اتحاد ٺاهڻ جو اعلان

جي ڊي اي پاران سنڌ ۾ پ پ مخالف مضبوط اتحاد ٺاهڻ جو اعلان، قومپرست پارٽين مٿان جي ڊي اي ۾ شامل ٿيڻ جي اپيل، اليڪشن ڪميشن کان آئين تحت چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو

ڪراچي ۾ ڊاڪٽر صفدر عباسي، سردار عبدالرحيم، سائره بانو، عرفان الله مروت ۽ ٻين جي ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس، جي ڊي اي اڳواڻن چيو آهي ته ڊجيٽل آدمشماري ڪوتاهين ۽ خامين باوجود منظور ڪئي وئي، اُها نئين تڪبندين توڙي ووٽر لسٽن جو ڪارڻ بڻجي وئي آهي، هاڻي چونڊون 90 ڏينهن اندر ڪرائڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، اُن جون ذميوار پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ سوڌو پي ڊي ايم جون جماعتون آهن، هاڻي اُهي پارٽيون اليڪشن ڪميشن تي منافقاڻي تنقيد ڪري رهيون آهن

وزيراعظم کي خط لکي ملاقات جو وقت گهريو آهي ته جيئن کيس صوبي جي مسئلن سان ڳالهه ٻولهه کان آگاهه ڪريون، جي ڊي اي وفد سڀاڻي چيف اليڪشن ڪميشنر سان ملاقات ڪندو. 16 مھينا ناڪام حڪومت هلائيندڙ چون ٿا 90 ڏينھن ۾ چونڊون ڪرايون وڃن، اُهو وڏو مذاق آھي، نگران حڪومت ۾ ڪا به تبديلي ناھي آئي

آءِ جي  ۽ چيف سيڪريٽري جي بدلي سان ڪجهه نه ٿيندو، ٻي سموري باقيات پيپلز پارٽي جي آهي، جي ڊي اي جو اتحاد برقرار آهي ،قومپرستن کي به اپيل ڪئي آھي ته اھي جي ڊي اي جو حصو بڻجن، شفاف چونڊون ٿيون ته جي دي اي چونڊن ۾ اڪثريت حاصل ڪندو