ايس ايڇ او عمرڪوٽ کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري

0
471
کنڀي گم ڪيل سرويچ
Hyd court

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ عدالتي حڪم جي خلاف ورزي ڪرڻ تي ايس ايڇ او عمرڪوٽ کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪندي ٽن هفتن بعد عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو. عمرڪوٽ جي رهواسين ايس ايڇ او سٽي پاران بااثر ماڻهن سان ملي پلاٽ تي مبينا قبضي خلاف درخواست داخل ڪرائي هئي. عدالت ۾ وڪيل دليل ڏيندي چيو ته گذريل ٻڌڻي تي لاڳاپيل عدالت ايس ايڇ او سٽي عمرڪوٽ خليل ڪنڀر کي حڪم ڏنو ته فريادي کي تحفظ فراهم ڪري پلاٽ تان قبضو ختم ڪرايو وڃي پر ايس ايڇ او تحفظ ڏيڻ بدران بااثر ماڻهن جي ونگار وهندي فريادي کي حراسان ڪيو ۽ پلاٽ تي قبضو ڪرائي ڇڏيو آهي. ايس ايڇ او خلاف عدالتي حڪم نه مڃڻ تي توهين عدالت جي ڪاروائي ڪئي وڃي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ايس ايڇ او کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪندي کيس ٽن هفتن بعد عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو.