ايس ايس پي بهادر کان ڪجهه سوال…!

0
186
عام چونڊن جو اهم مرحلو به تڪميل تي پهتو!

ڪالهه پنجين ڏينهن به سنڌ- پنجاب- بلوچستان دنگ تي عوام جو ڌرڻو جاري رهيو ۽ ماڻهو سنڌ ۾ ڌاڙيل گردي ۽ ان جي اڻ اعلانيل رياستي پٺڀرائي کان تنگ ٿي شاهراهه بلاڪ ڪري ڌرڻو هڻي ويٺل آهن. ان تاريخي ڌرڻي جو اثر اهو پيو ته گذريل اڱاري جي رات بڊاڻي مان اغوا ٿيل مکي جڳديش، ٻارڙي جئه ديپ ۽ ڊاڪٽر منير نائچ کي “ڌاڙيلن” طرفان آزاد ڪيو ويو آهي پر ڌرڻو هڻندڙ اها گهر ڪري رهيا آهن ته سمورن مغوين کي جيستائين آزاد نه ڪيو ويندو ۽ ڌاڙيلن خلاف فيصلائتو آپريشن نه ڪيو ويندو، تيستائين ڌرڻو ختم نه ڪيو ويندو. مغوي ساگر ڪمار جي امڙ ۽ ڀينرن ڌرڻي ۾ پهچي ڌرڻو ختم نه ڪرڻ جي اپيل ڪئي. احتجاج ڪندڙن ايس ايس پي امجد شيخ، پنجاب اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري ۽ اڳوڻي وفاقي وزير احسان مزاري کي ڌرڻو ختم ڪرڻ کان کتو جواب ڏيئي ڇڏيو.

هن وقت سنڌ ڌاڙيل گردي ۽ اغوا انڊسٽري خلاف جنهن ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي، اهڙي ڪاوڙ ۽ اتحاد جو مشاهدو هن کان اڳ سنڌ 40 سال اڳ ايم آر ڊي دوران ڪيو هو. ان وقت اها جدوجهد هڪ آمر خلاف ۽ جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ هئي پر هن ڀيري جمهوريت جي نالي ۾ جيڪا ڪچي ۽ پڪي جي ڌاڙيلن ڀينگ ڪئي، مٿان  وري رياستي بيحسي ايتري، جو ان سڄي ظلم ۽ بربريت جي رياستي پٺڀرائي جو گمان ٿيڻ لڳو هو. هڪ ڏهڪاءُ جو ماحول هو، ڌاڙيل گرديءَ ۽ بدامني جي خوف ماڻهن کي ذهني مريض بڻائي ڇڏيو هو. خوف سبب ماڻهو حراس ۾ حواس وڃائي ويٺا هئا. انهن کي نه قانون جو ڪو ڏڍ حاصل هو ۽ نه ئي وري رياست انهن جي تحفظ واري آئيني ذميواري پوري ڪري سگهي هئي ۽ نيٺ ماڻهن ان خوف کي فتح ڪري ورتو ۽ پوءِ اهڙو ڀنڀٽ ڀڙڪيو، جو هن وقت سڄي سنڌ “شعلا شعلا واءَ ۾، چڻنگون چڻنگون پٽ” بڻجي وئي آهي. هونئن به جڏهن عوام خوف کي فتح ڪري وٺي ٿو ته پوءِ ان کي دنيا جي ڪابه طاقت مطيع، محڪوم ۽ مجبور نٿي رکي سگهي. سنڌ ۾ به هن وقت ماڻهن پاڻ کي خوف کان آجو ڪري ورتو آهي ۽ اهي ڌاڙيل گردي، بدامني خلاف اٿي کڙا ٿيا آهن. هن وقت توڙي جو ٽن مغوين کي ڇڏيو ويو آهي پر نازيه کوسو، پريا ڪماري سميت اڃان به گهڻا مغوي ڌاڙيلن جي گرفت ۾ آهن. پوليس ڏوهن جي سرپرستي ڪندڙ سردارن جي ڪمداري وارو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. جي جان جي امان ملي ته ايس ايس پي امجد شيخ کان ڪجهه سوال پڇڻ جي جسارت ڪري سگهجي ٿي! سوال اهو آهي ته ايس ايس پي بهادر آخر اهي 3 مغوي ڪٿان آندا؟ اهي ڪنهن وٽ يرغمال بڻيل هئا؟ ڌاڙيلن جي ڪهڙي گينگ انهن کي اغوا ڪيو هو؟ ان گينگ سان ڪنهن جو واسطو هو؟ ڌاڙيلن جو اهو ٽولو ڪنهن جي چئي ۾ آهي، جو انهن ڌاڙيلن ايس ايس پي جي چوڻ تي مغوي ڇڏي ڏنا؟ ايس ايس پي اهي مغوي آخر ڪٿان آندا؟ جي اهي ڪچي ۾ هئا ته اتان ڪنهن ايس ايس پي تائين پهچايا؟ جيئن ته سڄي معاملي ۾ سامهون صرف ايس ايس پي آهي، ان ڪري اهي سوال به لازمي طور تي ايس ايس پي کان ئي ٿيندا. هاڻي ته اهو ماڻهن جو ويساهه پڪو ٿيندو وڃي ته اغوا جي ڪڌي ڪاروبار ۾ پوليس پڻ شامل آهي. ايس ايس پي جن ماڻهن وٽان اهي مغوي آڻي پهچايا، ڇا انهن تي اغوا جي ڪا ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي يا ڪا قانوني ڪارروائي ٿي آهي؟ جي نه ٿي آهي ته پوءِ اهڙي ڪارروائي ۾ دير ڇو پئي ڪئي وڃي؟ سنڌي جي هڪ پراڻي ڊرامي جو اهو ڊائلاگ مشهور ٿيو هو ته، “پوليس کي سڀ خبر آهي” ۽ اها حقيقت به آهي. جي پوليس کي سڀ خبر نه هجي ها ته اها عوامي دٻاءَ تي ٽن مغوين کي آزاد نه ڪرائي ها. ظاهر آهي ته جيئن ته پوليس کي سڀ خبر آهي، ان ڪري سمورن مغوين جي بازيابيءَ جي ذميواري پڻ پوليس تي اچي ٿي. ان ڪري ايس ايس پي امجد شيخ کي انهن سوالن جو جواب ضرور ڏيڻو پوندو ته اهي مغوي ڪنهن وٽ هئا؟

ڌرڻي ۾ شريڪ ماڻهن کي ڌرڻو ختم ڪرڻ لاءِ ڌمڪيون پيون ملن پر سنڌ جي شعور کي شاباس هجي، جو ان ڪنهن به دٻاءُ کي ليکي ۾ نه آندو آهي ۽ مستقل مزاجي سان پوليس ۽ ڀوتارڪي ڳٺ جوڙ خلاف احتجاج ڪري رهيو آهي. اسان ان راءِ جا آهيون ته، “پوليس کي سڀ خبر آهي”. ان ڪري پوليس کان ضرور پڇاڻو ٿيڻ گهرجي ته انهن کي اهي مغوي ڪنهن حوالي ڪيا پوءِ سُئي سڳي کي سوري سڀني کي قانون جي گرفت ۾ آڻڻ گهرجي. حڪمران اگر اهو چاهين ٿا ته آئنده ڌرڻا نه لڳن ته ڌاڙيل گردي کي بند ڪرائڻو پوندو. رڳو ڏوهن جي سرپرستي ڪندڙ ڀوتارن ۽ انهن جي ڪمداري ڪندڙ پوليس کي ناڪيلي وڌي وڃي ته ڏوهه پاڻمرادو گهٽجي ويندا.