ايران ۾ هي ڇا پيو ٿئي ؟ … يوسف سيف

0
48

  ايران ۾ ڪجهه مھينن کان شاگردياڻين کي زھر ڏيڻ جا واقعا وڌي ويا آھن،نومبر 2022 کان اھڙا واقعا ٿي رھيا آھن، اڃا تائين ان جا اصل سبب معلوم ٿي نه سگھيا آھن،عام طور تي اسڪول جي احاطي ۾ اڻوڻندڙ بوءِ بعد شاگردياڻيون بيھوش ٿين ٿيون،جن ۾ ساھه ۾ مونجھه ۽ ٻيون علامتون ظاھر ٿين ٿيون، ھي معاملا ھن وقت عالمي ميڊيا ۾ بحث ۾ آيل آھي پر ان جي سبب تائين ڪو به نه پھچي سگھيو آھي،سرڪاري اختيارين موجب تيل سان مالامال صوبي خوزستان جي شھر ھفتڪل ۾ اسڪول ۾ گھٽ ۾ گھٽ 60 شاگردياڻيون اھڙي زھر سبب متاثر ٿيون آھن،ادبيل جي اتراولھه ۾ 5 اسڪولن جي ڪيترين ئي شاگردياڻين کي زھر ڏنو ويو، متاثر نياڻين ۾ بي چيني ساھه کڻڻ ۾ تڪليف ۽ مٿي ۾ سور جون علامتون ظاھر ٿيون. اولھائين صوبي آذربائيجان جي راڄڌاني ارميا جي ھڪ علائقي ۾ اسڪول جي ڪيترين ئي شاگردياڻين جي بيمار ٿيڻ بعد انھن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، سرڪاري موجب ملڪ جي 31 صوبن جي 25 علائقن جي 230 کان وڌيڪ اسڪولن ۾ 7 مارچ تائين 5 ھزار کان وڌيڪ شاگردياڻيون زھر سبب متاثر ٿيون آھن. اھڙين ڪيسن جي جاچ ڪندڙ فڪيٽ فائنڊنگ ڪاميٽي سربراھه ايم پي رضاڪاظمي موجب ان سلسلي ۾ رپورٽ ٻن ھفتن ۾ پڌري ڪئي ويندي. مارچ ۾ تھران ۾ مائٽن اھڙن واقعن خلاف احتجاج ڪيو ھو.ايراني اختياريون جو خيال آھي ته اھڙي عمل ۾ ملڪ دشمن عنصر ملوث آھن، ڪجھه ماڻھن جو خيال آھي ته ان عمل ۾ نياڻين جي تعليم جو مخالف گروپ شامل آھي. ھن وقت تائين اھو مونجھارو حل نھ ٿي سگھيو آھي، جڏھن تھ ان بابت سموري دنيا ۾ ڳڻتي سان گڏ سوين سوال پيدا ٿي رھيا آھن. (فيس بوڪ وال تان ورتل)