دمشق (م ڊ) ايراني آئل ٽينڪر تي ڊورن حملي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا، شامي وزارت تيل جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن شهربانياس جي ساحل تي بيٺل هڪ آئل ٽينڪر ۾ اوچتو باهه لڳي وئي، باهه فوري طور تي امدادي ڪارروايون ڪندي وسائي وئي. جڏهن ته جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا، اختيارين واقعي جي تصديق ڪندي چيو ته آئل ٽينڪر کي ڊرون سان نشانو بڻايو ويو.