سکر (رپورٽ: فاروق سومرو)پيپلز پارٽيءَ سان تعلق رکندڙ صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر مير نادر خان مگسي ۽ قومي اسيمبلي عامر مگسي به نيب جي ريڊر تي اچي ويا آھن، نيب سکر 2008 کان 2013 تائين قمبر شهداد ڪوٽ جي ترقياتي منصوبن جو رڪارڊ ڊپٽي ڪمشنر قمبرشھدادڪوٽ کان طلب ڪري ورتو آهي، نيب ذريعن موجب ايم پي اي مير نادر خان مگسي قمبر شهدادڪوٽ جي ترقياتي منصوبن لاءِ 2 ارب رپيا جھل مگسي منتقل ڪيا، ٻه ارب رپين جا ترقياتي منصوبا من پسند ماڻهن کي ڏنا، سال 2010ع واري ٻوڏ ۾ تباھ ٿيل روڊن جو ٺيڪو بلاول شيخ ۽ پرس رام کي ڏنو. 2008 کان 2013 تائين قمبر شهداد ڪوٽ لاءِ 850 ملين رپيا آيا، اهي ڪيڏانهن ويا، ڪٿي خرچ ٿيا نيب اِن متعلق جاچ ڪري رھي آھي. نيب سکر طرفان طرفان ايم پي اي نادر خان مگسي ۽ ايم اين اي عامر خان مگسي جي ڄاڻايل عرصي دوران ترقياتي ڪمن توڙي مٿي ڄاڻايل ٻنھي ٺيڪيدارن کي مليل ٺيڪن جا تفصيل پڻ ڊپٽي ڪمشنر کان طلب ڪئي وئي آھي. نيب سکر طرفان ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهداد ڪوٽ کي 29 اپريل تي ڄاڻايل رپورٽ جمع ڪرائڻ جي ھدايت ڪئي وئي آھي.