اوگرا چيئرمين پهرين مارچ کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

0
392
اوگرا جي سمري رد
اوگرا جي سمري رد، وزيراعظم پيٽروليم شين جا اگهه نه وڌائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) جي چيئرمين پهرين مارچ کان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي

قومي اسيمبلي جي توانائي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ چيئرمين اوگرا سرور خان چيو ته گذريل 12 هفتن ۾ تيل جي اگهن ۾ جيڪو اضافو ٿيو اهي تنهن جو مثال نٿو ملي، جيئن قيمتون وڌنديون ته ان جو بار عوام تي پوندو

ان کان علاوه، اهو ڳالهه به سامهون آئي ته پيٽروليم ڊويزن مارچ لاء ايل اين جي جو هڪ ٻيو مهانگو ڪارگوخريد ڪيو آهي، ڪارگو 25 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو جي شرح سان خريد ڪيو ويو

ان معاملي تي مسلم ليگ ن جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبر مرتضيٰ جاويد عباسي چيو ته مهانگي ايل اين جي خريد ڪرڻ حڪومت جي ناڪامي آهي

ھي بھ پڙھندا

عوام حيران پريشان: وفاقي سرڪار پيٽرول مھانگو ڪري ڇڏيو

پاڪستان ۾ ڪجھ مھينن دوران رڳو 22 سيڪڙو پيٽرول مھانگو ٿيو آھي:وزيراعظم