واشنگٽن(دلچسپ نيوز) انگور هڪ تمام وڻندڙ ۽ موسمي فروٽ آهي، انگور کائڻ سان دل جا ڏک ۽ سور گهٽبا آهن، ان سان گڏ جسماني زخمن جي سور ۾ به فائدو ٿيندو آهي. انگورن ۾ قدرتي طور اهڙا ڪيميڪل موجود آهن جيڪي چمڙي کي سڙڻ کان بچائيندا آهن ۽ چمڙي جي ڪينسر کان به محفوظ بڻائيندو آهي. جيڪڏهن انگورن جو مناسب مقدار استعمال ڪيو وڃي ته اس ۾ موجود ”الٽرا وائلٽ“ شعاعن کان سڙڻ جو عمل گهٽ ٿي ويندو آهي. نه رڳو ايترو پر ان جي نقصانن کان به بچي سگهجي ٿو. آمريڪا جي يونيورسٽي آف الباما جي ماهر ڪريگ ايلمٽس 14 ڏينهن تائين اڍائي ڪوپ انگورن جو پائوڊر مختلف رضاڪارن کي کارايو، اهي ماڻهو اُس ۾ ڪم ڪرڻ جا عادي هئا ۽ ان دوران انهن جي چهري تي الٽرا وائلٽ شعاعن جو جائزو ورتو ويو. اهڙي ريت چمڙي جي ان شعاعن خلاف مزاحمت کي به نوٽ ڪيو ويو. مطالعو ختم ٿيڻ کانپوءِ سڀني ماڻهن جي چمڙي جي بايوپسي ڪئي وئي ته خبر پئي ته جن ماڻهن انگورن جو پائوڊر استعمال ڪيو هو اهي ٻين جي مقابلي ۾ چمڙي گهٽ متاثر ٿي. اهو هڪ جادوئي اثر آهي. ان سان گڏ اهو به چيو ويو آهي ته انگورن جو استعمال چمڙي جي ڪينسر کي روڪڻ ۾ به مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو ڇو ته چمڙي تي اُس پوڻ سان جيڪي نقصان ٿيندا آهن انهن سان ڪينسر جو بنياد ٿيندو آهي.