سڪرنڊ (ن پ ا) سائين جي ايم سيد جي پٽ، سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اپوزيشن ليڊر ۽ سماج سڌارڪ سيد امداد محمد شاهه جي 88 ھين جنم ڏينھن جي موقعي تي ڳوٺ مجيد ڪيريو ۾ سمس اسڪول پاران کيس ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو، ٻارڙن پاران تقريرن ڪيون ويون ۽ ٽيبلوز زريعي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، ان موقعي تي صدارتي خطاب ڪندي جگديش آهوجا چيو ته سائين جي ايم سيد چوندو ھو ته سڀ کان وڌيڪ اسان کي پنھنجي ڌرتي آھي، اسان جي ڌرتي سمورن انسانن جي ماءُ آھي، ھن چيو ته اسان جو وجود سنڌودرياهه جي پاڻي مان واسيل آھي، اڄ عورت طاقتور آھي ۽ حڪمران به رھي آھي، سٺو انسان اھو آھي جيڪو ٻين لاءِ جيئي، سيد امداد محمد شاھ انھن مان ھڪ ھو، انيتا بجلاڻي چيو ته جيسين سنڌ واسي گڏبا نه تيسين امن نه ٿيندو، جيڪي ھتان لڏي ويا انھن اتي وڃي پنھنجي ڌرتي کي پنھنجو سمجھيو پر جيڪي اتان ھتي آيا انھن ڪڏھن به سنڌ کي پنھنجو نه سمجھيو، اسان کي گڏجي سنڌ کي پنھنجو ڪرڻو پوندو تڏھن نفرتون ختم ٿينديون، ھتي ھميشه حق هڙپ ڪيا ويا جنهن ڪري بنگلاديش الڳ ٿيو، تبسم کوسو چيو ته امداد محمد شاھ ھڪ ڏيئي جي روشني مثل ھو، جنھن تعليم ذريعي علم جي روشني ڦهلائي، پروفيسر انعام ڀٽي، اميرعلي ٿيٻو ۽ ٻين به خطاب ڪيو، ان موقعي تي مس بشريٰ، صنم بلوچ ۽ ٻين ٽيچرز کي ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا، جڏھن ته امداد فائونڊيشن پاران مفت ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي وئي، ان کان اڳ سيد ضياءَ شاھ، فقير غلام مصطفيٰ ڪيريو، غلام حسين جوڻو ۽ ٻين سيد امداد محمد شاهه جي آخري آرام گاهه تي گلن جي چادر چاڙھي دعا گھري، ايس يو پي سنڌ جي صدر سيد زين شاهه شرڪت بعد ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته سائين امداد محمد شاھ جي ٻاريل لاٽ کي اجھائڻ نه ڏينداسين، سنڌ ۾ ان جي روشني سان ھڪ نئين صبح جو آغاز ٿيندو، ھميشا ڪردار زندهه رھندا آھن، سائين امداد شاھ اسيمبلي ھجي يا ٻاھر ھن سدائين سچ ۽ حق جي واٽ تي هليو، هن چيو ته پ پ وارا اھو تاثر ڏئي رھيا آھن ته سندن پٺي ٺپيل آھي، جيڪڏھن واقعي پٺ ٺپيل آھي ته ملڪ لاءِ ھاڃيڪار ٿيندو، اسان شھباز شريف کي به اھڙن خدشن کان آگاھ ڪيو آھي.