لاهور (بيورو رپورٽ) تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته هن سال امتحان ملتوي نه ٿيندا، شاگرد هِتان هُتان جي ڳالهين تي ڌيان ڏيڻ بدران پنهنجي پڙهائي تي ڌيان ڏين، امتحان ضرور ٿيندا، لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته ڪورونا وائرس جي ڪري اڳ ئي ٻارن جي تعليم جو گهڻو نقصان ٿي ويو آهي، گذريل سال امتحان نه ورتا هئا پر هاڻي صوبن جو گڏيل فيصلو آهي ته هن سال هر صورت ۾ شاگردن جا امتحان ورتا وڃن ۽ جيڪو شيڊول جاري ٿيو آهي ان موجب ئي امتحان ٿيندا. هن چيو ته صوبن کي مڪمل اختيار آهي ته اهي گرمين جون موڪلون ڏين يا نه ڏين، وفاقي وزير چيو ته حڪومت اهڙو ڪو به قدم نه کڻندي جنهن سان آزادي صحافت تي پابندي لڳي.