نصيرآباد (ن پ ا) نصيرآباد بوائز هاءِ اسڪول جي نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي شاگردن پاران امتحاني فيس اوڳاڙڻ خلاف هاءِ اسڪول کان ريلي ڪڍي انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو. ياسين لنجواڻي، نويد کوسو، سردار کوسو، بهرام ميراڻي، زبير ميراڻي جوچوڻ هو ته ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ٻوڏ ۽ برسات سٽيل آهي، فصل تباهه ٿي ويا آهن، نائين ۽ ڏهين درجي جي امتحاني فارم جي فيس 2700آهي ۽ اسان جي معاشي قوت ابتر ٿي وئي آهي جنهن جي ڪري فيسون معاف ڪيون وڃن.