امتحاني فيس معاف نه ٿيڻ خلاف لاڙڪاڻي جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون سراپا احتجاج

0
291

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) ٻوڏ متاثر علائقن جي شاگردن جون امتحاني فيس معاف نه ٿيڻ خلاف لاڙڪاڻي جا شاگرد ٽئين ڏينهن به سراپا احتجاج بڻجي ويا آهن

لاڙڪاڻي ۾ نائين درجي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ڳريون امتحاني فيس اوڳاڙڻ خلاف اڄ به ڪلاسز جو بائيڪاٽ ڪيو، شاگردياڻين ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪري اسڪول اندر احتجاجي مظاهرو ڪيو

شاگردن ۽ شاگردياڻين  پاران مختلف اسڪولن جي ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪرڻ بعد ريلي ڪڍي سڪ پل وٽ ڌرڻو هنيو ويو، شاگرد رستو کولرائڻ لاءِ آيل ڊي ايس پي جي موبائيل تي چڙهي ويا

ان موقعي تي شاگردن جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت جي مفت تعليم فراهم ڪرڻ واريون دعوائون ڪوڙيون نڪتيون، برسات جي تباهڪارين باوجود ڳري  امتحاني فيس اوڳاڙي ذهني پريشاني ۾  مبتلا ڪيو ويو

هي به پڙهندا

لاڙڪاڻي ۾ نائين ۽ ڏهين درجي جون شاگردياڻيون امتحاني فيس خلاف سراپا احتجاج

ڪيس جي پوئيواري ڪرڻ تي حملو ڪيوويو، حياتي کي خطرو آهي: پروين رند