فضائي آلودگي موجوده دور جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي. دنيا جا ترقي يافته ملڪ مرحلي وار حياتياتي ٻارڻ جهڙوڪر ڊيزل ۽ پيٽرول جي جاءِ تي ٻيا متبادل ٻارڻ جهڙوڪر گيس وغيره کان سواءِ برقي ۽ شمسي توانائي کي اختيار ڪري رهيا آهن. پاڪستان جيتوڻيڪ انهي سلسلي ۾ ڪوششون وٺي رهيو آهي پر ان سلسلي ۾ ڪم جي رفتار تمام گھٽ آهي. تڏهن  به سنڌ سرڪار طرفان تازو سنڌ جي راڄ ڌاني ڪراچي ۾ شروع ڪيل برقي بسن واري رٿا هڪ اهم قدم آهي.

سنڌ سرڪار طرفان اهڙو عمل خاص ڪري پاڪستان جي سڀ کان وڏي صنعتي شهر ۽ پاڪستان جي معاشي حب ۾ آلودگي تي ضابطي جي ڪوشش لاءِ هڪ اهم ترين قدم آهي جيڪا شهر ۾ بجلي گھرن، ڪارخانن ۽ گاڏين وغيره جي دونهن ۽ نهري ڪچري کي ساڙڻ سبب پيدا ٿئي ٿي.

شهري فضائي آلودگي پاڪستان جي مکيه ۽ وڏن مسئلن مان آهي. ذريعن مطابق پاڪستان دنيا ۾ هوا جي بدترين معيار جي سلسلي۾ ٽيئن نمبر تي آهي.

رپورٽن مطابق ڏکڻ ايشيا جهڙي گھاٽي آبادي واري علائقي ۾ هوا جي خراب معيار سبب 2019ع ۾ لڳ ڀڳ 2 لک 36 هزار ماڻھو اجل جا شڪار ٿيا. انهي ريت هوائي آلودگي ڏکڻ ايشيا ۾ موت جي مکيه سببن مان هڪ وڏو سبب آهي.

ڪراچي ۾ هلندڙ برقي بسن جي مسافرن جي راءِ آهي ته انهي رٿا سان نه صرف ماڻھن کي سستي سواري ميسر ايندي پر اهم ڳالهه ته انهي ريت آلودگي کي گھٽائڻ وارين ڪوششن کي به هٿي ملندي. سوارين جي اها به راءِ آهي ته برقي بسن سان نه صرف معاشي ۽ ماحولياتي فائدا ٿيندا پر انهي سان انساني صحت کي به فائدو رسندو.

هن وقت جيتوڻيڪ پنجاه بسن واري اعلان ڪيل بسن جي ٻيڙي مان صرف 10 ئي رستن تي هلي رهيون آهن پر جڏهن باقي رهيل پنجاه بسون رستي تي اچي وينديون ته في بس هڪ چڪر ۾  70 مسافر کڻي سگھندي. جنهن ڪري عام بسن تان به مسافرن جو بار ڪجھه گھٽجي سگھندو.

البت ماهرن مطابق ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انهي منصوبي کي صرف پنجاهن بسن تائين يا صرف ڪنهن هڪ شهر يا هڪ صوبي تائين محدود نه رکندي پوري صوبي  ۽ ٿي سگھي ته پوري پاڪستان ۾ پکيڙيو وڃي ۽ ملڪ هي دارالحڪومت اسلام آباد سميت چئني صوبن جي گادين سميت سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ اهڙيون برقي گاڏيون هلايون وڃن ۽ عوام ۾ پڻ ذاتي گاڏين لاءِ برقي گاڌين جي استعمال بابت شعور ۽ رجحان پيدا ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون وڃن. ۽ ملڪ ۾ برقي ٻارن جي ڪلچر کي فروغ ڏياريو وڃي.

ان ريت عوام کي نه صرف آلودگي مان نجات ملندي پر صحت ۽ صفائي توڙي معاشي ۽ مالي فائدو به ٿيندو…. (واٽس ايپ تي اماڻيل)