مردان (م ڊ) مملڪتي وزير علي محمد  خان چيو آهي ته افغان طالبان پاڪستان ۾ هڪ پَن به ناهي ڪيرايو، هو پاڪستان کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهن ٿا. مردان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي علي محمد خان چيو ته پاڪستان کي افغان طالبان مان ڪو خطرو ناهي، ڇو ته انهن اڄ تائين پاڪستان ۾ هڪ پَن به ناهي ٽوڙيو، افغان طالبان پاڪستان کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهن ٿا ۽ ڪير به پنهنجي گهر کي باهه ناهي لڳائيندو. هن چيو ته افغانستان مان پرڏيهي قوتون نڪرڻ کانپوءِ عمران خان ڏاڍو خوش آهي، ڇو ته ان جي چيل هر ڳالهه سچي ثابت ٿي، افغان قوم پنهنجي ملڪ ۾ اقتدار جي حوالي سان فيصلو پاڻ ڪندي، پاڪستان خوشي سان وڏي ڀاءَ جو ڪردار ادا ڪندو. واضح رهي ته ان کان اڳ افغان طالبان پاڪستان کي پنهنجو ٻيو گهر قرار ڏنو هو ۽ خاطري ڪرائي هئي ته افغان سرزمين پاڪستان خلاف استعمال نه ٿيندي.