اشو آف دي ڊي گورنر سنڌ هٿياربند گارڊن سان يونيورسٽي ۾ پهتو، سوشل ميڊيا تي تنقيد

0
151
اشو آف دي ڊي گورنر سنڌ هٿياربند گارڊن سان يونيورسٽي ۾ پهتو، سوشل ميڊيا تي تنقيد

  گورنر سنڌ عمران اسماعيل يونيورسٽي ۾ هٿياربند گارڊن سوڌو شريڪ ٿيو اهڙي عمل تي سوشل ميڊيا تي تنقيد ڪئي وئي، محمد زبير ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته هنن وي آءِ پي ڪلچر ختم ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو،  هاڻي يونيورسٽي اندر به گارڊ نظر اچي رهيا آهن، ڪافي ناقابل يقين آهي، رانا جاويد وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته تبديلي، گورنر سنڌ عمران اسماعيل ڊزن سيڪيورٽي گارڊن سان يونيورسٽي جي ڪنوينشن ۾ پهتو، ان کان اڳ عشرت العباد، محمد زبير ۽ مراد علي شاهه به ڪانووڪيشن ۾ شرڪت ڪندا رهيا پر ڪڏهن به اسٽيج ته پري جي ڳالهه پنڊال ۾ به هٿياربند سيڪيورٽي اهلڪار پاڻ سان گڏ نه آندا.

گورنر عمران اسماعيل سنڌ مدرسه الاسلام يونيورسٽي جي ڪانووڪيشن ۾ پهتو ته هٿياربند گارڊ به ان سان گڏ اسٽيج تي پهتا، جيڪي اسٽيج جي چوطرف بيٺا رهيا، هٿياربند گارڊن اسٽيج تي شاگردن جي معاونت لاءِ مقرر عورت کي به هٽائي ڇڏيو. سوشل ميڊيا تي چيو ويو ته وي آءِ پي ڪلچر ختم ٿيڻ گهرجي ۽ تعليمي ادارن ۾ هٿياربندن کي نه آندو وڃي.