اسپين ۾ 25 سالن تائين گھر جو ڪم ڪرڻ تي زال کي معاوضو ڏيڻ جو حڪم

0
777

ميڊرڊ (انٽرسٽنگ نيوز) اسپين ۾ 25 سالن تائين گھر جو ڪم ڪرڻ تي زال کي معاوضو ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته مڙس پنهنجي اڳوڻي زال کي 2 لک 18 هزار ڊالر ادا ڪرڻ جو پابند هوندو: عدالتي فيصلو عورت جي درخواست تي ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ فريادڻ عورت ڄاڻايو آهي ته 25 سالن تائين مڙ سان رهيس، ان دورا ڪا نوڪرياڻي هجي ها ته لکين ڊالر وٺي ها

  شادي کان پهرين سٺي نوڪري به هئي، وڏي پگھار ملندي هئي، پرڻي بعد گھر جي ڪمن ۾ لڳي ويس. عورت موجب 1995ع کان 2020ع تائين هن جي شادي رهي. هن چيو ته شادي دوران مون گھريلو نوڪرياڻي وانگر ڪم ڪيو هاڻي ان جو معاوضو ڏنو وڃي