اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جو سنڌ حڪومت کي جواب، سنڌ حڪومت جا سمورا اعتراض غلط قرار

0
466
اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جو سنڌ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) روٽشن پاليسي تحت آفيسرن جي بدلي بابت اسٽيبلشمينٽ ڊويزن سنڌ حڪومت کي جواب ڏئي ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته روٽيشن پاليسي تحت ٽي ڀيرا ٽرانسفر ڪيا ويا آهن، سمورن آفيسرن جي بدلين تي صلاح مشورا ڪيا ويا، سنڌ، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي آفيسرن جا بدلي ڪيا ويا

اسٽيبلشمينٽ ڊويزن پاران لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته چيف سيڪريٽري سنڌ جي سيڪريٽري جي اي ڊي سان مشاورت ڪئي وئي پهرين ڏهن سالن کان وڌيڪ مقرر آفيسرن جي فهرست ٺاهي وئي، جنهن سلسلي ۾ پهرين مرحلي ۾ پنجاب، سنڌ ۽ ڪي پي ڪي مان آفيسرن جي لسٽ طلب ڪئي وئي هئي، جيڪا 31-12-2000 تي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي سنڌ، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي پاران فراهم ڪئي وئي هئي

خط ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي حڪم جي تعميل ڪئي، سنڌ حڪومت ماضي وانگر خطن جو جواب نه ڏنو، ٻئي مرحلي ۾ سمورن صوبن ٻيهر آفيسرن جا نالا ڏنا، ان لسٽ موجب ٻئي مرحلي ۾ سمورن صوبن جي آفيسرن جا بدلي ڪيا ويا، سمورن آفيسرن جي بدلي گريڊ روٽيشن پاليسي تحت ڪئي وئي

خط ۾ چيو ويو آهي ته  ٽيون ڀيرو سڀني صوبن جا خط ويب سائيٽن تي پوسٽ ڪيا وياآهن، پوسٽ ڪيل 2021-03-02 اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي ويب سائيٽن تي پي ايس پي ۽ پي اي ايس گريڊ بيس آفيسرن جي بدلي تي ڪنهن به حڪومت کي اعتراض ناهي، سمورن آفيسرن جا بدلي روٽيشن پاليسي جي قانون موجب ڪيا ويا آهن، ان سڀ ڪجهه جي باوجود سنڌ حڪومت پاران ڳالهيون نه مڃڻ غير قانوني آهي، سنڌ حڪومت جا اعتراض سول سروس ڪيڊر رولز 1954ع جي مطابق ناهن

خط ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ محمد ساجد خلاف فيڊريشن آف پاڪستان ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، سپريم ڪورٽ ڪيس نمبر 1064 جو فيصلو ٻڌايو، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي سمورن آفيسرن جي بدلي ۽ پوسٽنگ جو اختيار حاصل آهي، بدلي ۽ مقرريءَوڪري جو حصو آهن، اسٽيبلشمينٽ ڊپارٽمينٽ وٽ آفيسرن جي بدلي ۽ مقرري جو اختيار آهي اهو معاملو ملازم ۽ کاتي جو آهي، عوام جي مفاد جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي

خط ۾ چيو ويو آهي ته سول سرونٽ ايڪٽ 1973 رولز 10 پوليس سروس تحت اهي آفيسر ڪنهن به صوبي ۾ پنهنجي مدي جي ختم ٿيڻ تي پوسٽ ڪري سگهن ٿا، روٽيشن پاليسي تحت ٿيندڙ تبديلين کي ڪير به روڪي نٿو سگهي، انهن آفيسرن جا بدلي اي اينڊ رولز جي سمورن ضابطن موجب ڪيا ويا آهن، سنڌ حڪومت جا سمورا اعتراض غلط آهن، وفاق سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته انهن آفيسرن کي فوري طور تي رليو ڪيو وڃي ته جيئن انهن آفيسرن کي پنهنجي نئين عهدن تي مقرر ڪري سگهجي

ھي به پڙھندا

وفاقي حڪومت ڊرٽي گيم نه کيڏي: وڏي وزير پاران ڪامورن جون خدمتون وفاق حوالي ڪرڻ کان انڪار