اسيمبليون ٽٽنديون، ان ھاؤس تبديلي يا گورنر راڄ ؟ 

0
174
اسٽيبلشمينٽ جو عتاب يا ڏوهن جي سزا؟ ... خدا بخش بروھي

اسيمبليون ٽوڙڻ لاءِ پي ٽي آئي ۽ ق ليگ پرويز الاھي ٽيم  رابطا شروع ڪري ڇڏيا آھن اسيمبلي ٽوڙڻ لاءِ 20 ڊسمبر تائين ڊيڊ لائين ڏئي ڇڏي اٿن جيڪڏھن ان تاريخ تائين اليڪشن جي تاريخ نه ڏني وئي ته پوءِ 21 ڊسمبر تي اسيمبليون ٽوڙي ڇڏڻ جو چتاءَ ڏنو ويو آھي. فواد چوڌري ۽ پرويز الاھي ٻه ٽي ملاقاتون ڪري ان مسئلي تي غور ويچار شروع ڪري ڇڏيو آھي، ٻئي پاسي اھي به ڳالھيون ھلن ٿيون ته پي ڊي ايم پنجاب، ڪي پي  ۾ گورنر راڄ ۽ ان ھاؤس تبديلي تي ويچاري رھي آھي. پنجاب ۾ تڪڙن نتيجن حاصل ڪرڻ جي  سلسلي ۾  آصف علي زرداري صاحب کي ٽاسڪ ڏنو ويو آھي جيئن ھو پنھنھنجي تجربي ۽  خداداد صلاحيتن کي استعمال ڪندي ڪو  ڪردار ادا ڪري، اتي مولا فضل الرحمان صاحب به پنھنجيءَ جو  ڪم ڪري رھيو آھي.  ساڳئي وقت شھباز شريف سميت سڀني  اتحادي ليڊرن جون  لنڊن ۾ نواز شريف سان فون تي ڳالھيون ٿيون آھن ڇوته لڳي ٿو عمران خان کين ٺيڪ ٺاڪ  ڳچي ۾ پئجي ويو آھي ان ڪري رئيس جھڙي تيز ۽ مفاهمت جي بادشاهه سياستدان جي ھن وقت سخت ضرورت به آھي ان ڪري رئيس به سنگت کي ڪيئن ٿو ناراض ڪري سگھي. ھن به پنھنجي پراڻي روايتن کي برقرار رکندي اڳي وانگر وري به چوڌري شجاعت وٽ وڃي پھتو آھي ھن تي ان ھاؤس تبديلي لاءِ ق ليگ جي 6 ميمبرن جي ٽوڙڻ جو  ڪم رکيو ويو آھي. چوڌري سئوٽ جي حڪومت ڪيرائڻ لاءِ شايد دلي طرح راضي نه ھجي پر ھن کي اھو ڪم سونپيو ويو آھي  جيئن ھو اھي ميمبر ڦيرائي سندن اتحاد ۾ شامل ڪري. جيڪڏھن اھي 6 ميمبر آيا ته تبديلي لازمي ٿي ويندي ڇوته  پي ٽي آئي جا  پنجاب اسيمبلي ۾ ڪل 184ميمبر آھن  انھن ۾ 6 ق ليگ جا آھن جيڪي 190 ٿين ٿا پنجاب  اسيمبلي لاءِ 186 جي اڪثريت گھربل آھي  اتي اپوزيشن جو تعداد 180 اڳ ۾ آھي جيڪڏھن  ق ليگ جا 6 ميمبر شامل ٿيا ته تعداد 186 ٿي ويندو جيڪو  ان ھاؤس تبديلي جي عمل کي ممڪن ڪري  سگھي ٿو.  ٻئي پاسي پي ٽي آئي واري ڊيڊ لائين آھي ۽ عمران خان به ڪيڏي مهل ڪو اعلان ڪري سگھي ٿو. ملڪ ھن وقت ھڪ وڏي سياسي بحران طرف تيزي سان وڌي رھيو آھي ان کي ختم ڪرڻ لاءِ  سٺن ڪردارن جي ضرورت آھي.

  ڏٺو وڃي ته عمران خان پاران اعلان ڪيل لانگ مارچ جي لاءِ  گذريل ھڪ مھيني کان پي ٽي آئي  ريھرسل ڪري رھي ھئي، ان تحت  گھٽ ۾ گھٽ 50 کن جلسا ڪي پي ۽ پنجاب ۾ ٿيا جيئن مارچ کي ڪامياب ڪرائي سگھجي. آخر ان مارچ جي شروعات لاھور کان ٿي جنھن تي  وزير آباد وٽ حملو ٿيو جنھن ۾ ھڪ ماڻھو مارجي ويو ۽ عمران خان سميت ڪجھه ماڻھو زخمي ٿيا. عمران خان کي پنھنجي شوڪت خانم اسپتال  لاھور آندو ويو پر ڄاڻايل لانگ مارچ پنھنجي منزل ڏي روان دوان ھو  عمران خان زخمـي ھجڻ سبب  وڊيو لنڪ تي لانگ مارچ کي خطاب ڪندي رھيو هو جڏھن  لانگ مارچ پنڊي پھتو ته  ڪافي اھڙا خيال ھئا ته ھاڻ به شايد عمران خان  وڊيو لنڪ تي جلسي کي خطاب ڪندو. پر جڏھن پاڻ پنڊي پھتو ته ان وقت اھي انومان گردش ۾ ھئا ھاڻ شايد ھو اھڙي تقرير ڪندو جيڪا ڳالھه اسٽيبلشمينٽ کي ھڪ دفعو وري ڪاوڙائي وجھندي. ۽ لانگ مارچ جو  ٻيو رخ اسلام آباد ڏانھن ھوندو اتي پھچڻ کان پوءِ  جا  خدشا عمران خان پاڻ   ٻڌايا ٿي  ۽ اھي به گمان گردش ڪري رھيا ھئا ته عمران خان ڪٿي ايئن ته ڪونه ڪندو جو باقاعدہ مطالبن جي مڃتا لاءِ ڊگهي عرصي تائين ويھي به رھي ۽ وفاقي راڄڌاني جي شھر ۾ عام زندگي ۾ خلل وجھي ڇڏي جيئن ھو نواز شريف حڪومت خلاف 126 ڏينھن تائين  لڳاتار ڌرڻو هڻي  ويھي رھيو ھو،  پر عمران خان انھن سڀني انومانن کان ھٽي ڪري  ھڪ ٻيو پازيٽو يوٽرن وٺي پبلڪ کي وڌيڪ حيران ڪري ڇڏيو ھن نه فقط اسٽيبلشمينٽ خاص ڪري  نئين آرمي چيف جي مقرري خلاف ڪو ھڪ اکر به نه ڳالھايو نه وري ھن اسلام آباد ھلڻ جي باري ۾ عوامي راءِ گھري  خاص ڪري انھن کان جيڪي گذريل ھڪ مھيني کان مارچ ۾ شامل ھئا. بس اھو چئي جان ڇڏائي ويو ته اسلام آباد ھلي آئون خون  خرابو نٿو چاھيان اوڏانھن وڃڻ سان ڪجھه ٿي سگھي ٿو پر ھن جيڪا خاص ڳالھه ڪئي اھا   ھئي ھن جي پارٽي جي پاران اسيمبلين کان استعيفائون ڏيڻ، جنھن  يقينن ملڪي سطح تي ھڪ ھلچل مچائي ڇڏي آھي،  خاص ڪري تيرھن پارٽين جي گڏيل حڪومت کي ھڪ چئلينج ڏيئي ويو آھي ته ھو عمران خان جي اعلان تي  ڪھڙي حڪمت عملي تيار ڪري ٿي.  ٻئي پاسي   عمران خان جي پارٽي قيادت ان ڳالھه تي اڳ ۾ ويچارڻ شروع ڪري ڇڏيو ھو خيبر پختونخوا جي وزير اعليٰ محمود خان، پنجاب جي پرويز الاھي اسيمبلي ٽوڙڻ جا اختيار به عمران خان کي ڏيئي ڇڏيا پر  ھن وقت ملڪي حالتون جٿي بيٺل آھن ان لاءِ منھنجي خيال مطابق ڪنھن جذباتي فيصلي جي ڪا گنجائش ناھي اتي خود پي ٽي آئي جي شاھه محمد قريشي ۽ ٻين کي اسيمبليون ٽوڙڻ تي خدشا ھئا جن پارٽي جي اجلاس ۾ اسيمبليون ٽوڙڻ تي خدشا ظاھر ڪيا ته صوبي ۾ اربين رپين جا ڪم شروع ڪيا ويا آھن اسيمبليون ٽوڙڻ سان اھي منصوبا رولڙي جو شڪار ٿيندا، ان ڪري ايئن نه ڪيو وڃي. عمران خان به سمجھي ويو ته اسيمبليون ٽوڙڻ  سان سندن نقصان ٿيندو،  جنھن ڪري اليڪشن جي مسئلي تي ھن وفاقي حڪومت کي ڳالھين جي آڇ ڪري ڇڏي، جنھن تي راڻا ثناءَ الله ان جي آجيان ڪئي. ٻئي پاسي مريم اورنگ زيب عمران خان کي ٽوئيٽ ذريعي آڪٽوبر  2023ع جي تاريخ ڏيئي ڇڏي ھئي پر ان کان اڳ وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداري صاحب بيان ڏنو ھو ته  پي ٽي آئي اسيمبليون ڪونه ٽوڙيندي جيڪڏھن ٽوڙڻ چاھي ٿي ته پھريائين پنجاب کي ٽوڙي.  ساڳي صلاح  وارو ڪي پي واري وزير اعليٰ جو ميڊيا تي بيان ھو ته اسان اسيمبلي ٽوڙڻ ۾ دير ڪونه ڪنداسين پر پھرين پنجاب اسيمبلي ٽوڙيو ان جو حڪومت تي وڏو پريشر پوندو.  خود عمران خان جي ٽيم مان ڪجھه  ان وھم ۾ ھئا ته پرويز الاھي سندن ڳالھه تي بيھندو به يا نه جيڪڏھن اسان ڪي پي اسيمبلي ٽوڙي ته پنجاب جو وڏو وزير اعلان ڪندو؟ جي ھن انهي اعلان  نه ڪيو ته ان لاءِ ٻيو ڪھڙو علاج ھوندو؟ ان مسئلي لاءِ پرويز الاھي ڪليئر ڪري ڇڏيو. ھن چيو ته مونس الاھي واري ڳالھه درست آھي اسان کي باجوا صاحب عمران سان اتحاد جو چيو ھو جنھن ڪري اسان پي ٽي آئي سان اڄ گڏ آھيون آئيندا به ھونداسين. اسيمبلي ٽوڙڻ واري ڳالھه تي ھن چيو ته مون ڪجھه وقت اڳ وڏ وزارت جو حلف کڻڻ وقت چيو ھو ته جيئن عمران خان چوندو تيئن ٿيندو اسيمبلي ھڪ منٽ ۾ ٽوڙي ڇڏيندس.

ساڳئي وقت پي ٽي آئي  جي ڪافي ميمبرن پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ جي مخالفت ان ڪري به ڪـئي آھي جو انھن جو چوڻ آھي ته اسيمبليون ٽوڙڻ سان اھي سڀئي ترقياتي ڪم جيڪي صوبي ۾ ھلي رھيا آھن رولڙي جو شڪار ٿي سگھن ٿا.  تنھن ڪري ايئن ڪرڻ سان ايندڙ اليڪشنن تي ان جو منفي اثر پوندو. ٻئي پاسي اليڪشن ڪميشن به عمران خان جي اعلان جي جواب ۾ چيو آھي ته صوبائي  اسيمبليون ٽوڙيون ويون ته انھن تي 60 ڏينھن ۾ وري اليڪشن ٿيندي پر قومي اسيمبلي برقرار رھندي  رڳو پنجاب ۽ ڪي پي اليڪشن تي 22 ارب خرچ ٿيندا، ھڪ تڪ تي 5 کان 7 ڪروڙ خرچ ايندو، ٻئي طرف اھي به خبرون ميڊيا تي ھليون ته ايندڙ جنرل اليڪشن ڪرائڻ لاءِ  اليڪشن ڪميشن   وفاق کان 47 ارب  گھري ورتا آھن.بهرحال  جڏھن کان رئيس وڏو ميدان ۾ لٿل آھي ان مسئلي پي ٽي آئي وارن جي صبر جي پيماني کي لبريز ڪري ڇڏيو آھي  اھي به 21 ڊسمبر تي اسيمبليون ٽوڙڻ   واري ڳالھه تي وڌيڪ زور ڏيئي  رھيا آھن. ڏٺو وڃي ته ملڪ اڳ ۾ ھڪ وڏي سياسي بحران جي ور چڙھيل ھو اتي وري ھڪ وڏي ڇڪتاڻ واري ٻي  صورتحال پيدا ٿي آھي، ھاڻ ان  مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ سياستدانن کي گھرجي  پنھنجي بقا جي جنگ وڙھڻ ۽ ذاتي فائدي بدران ڪو اھڙو حل ڳولي ڪڍن جيڪو ملڪي مفاد ۾ هجي.