هٿراڌو ڪرايل انساني لڏپلاڻ

0
260
هٿراڌو ڪرايل انساني لڏپلاڻ

 برطانوي راڄ ۾ نئين آبادڪاري ٿيندي رهي ۽ ان تي ڪافي رٿابنديءَ سان عمل ڪيو پئي ويو. انهيءَ وقت دوران برطانيه مان هڪ لڏپلاڻ آمريڪا ڏانهن هئي، انهن ۾ موچي، ڊکڻ، لوهر، ڪوري ۽ خودڪاشت جن جو تقريبن رومن ڪيٿوليڪ عقيدي سان واسطو هو انهن کي آمريڪا ڏانهن رضاڪاراڻه طور لڏائي کين اتي مڪمل موقعا ڏنا ويا. اتان جي زمين تي قبضا ڪرڻ کانپوءِ کيتي ڪرڻ لاءِ آفريڪا جي ملڪن، نائيجريا وغيره مان غيرمهذب آفريڪي قبيلن کي پڪڙي جانورن وانگر زبردستي سامونڊي جهازن ۾ کڻي آمريڪا ۾ غلام طور زرعي ڪم لاءِ استعمال ڪيو ويو. برطانوي پين قبيلي جو بادشاهه ڏانهن قرض رهيل هو جنهن جي بدلي بادشاهه کين آمريڪا ۾ زمين ڏئي اوڏانهن موڪليو، جنهن علائقي کي هاڻي اُتي پين سلوانيا رياست چون ٿا.

                 آسٽريليا ڏانهن ڪرائي ويندڙ لڏپلاڻ ۾ عام طور انهن ماڻهن جا برطانيه مان جهاز ڀري موڪليا ويا جن کي يو ڪي جي مقامي عدالتن معمولي ڏوهن جهڙوڪ ڪڪڙ چورائڻ، ماني چورائڻ وغيره ۾ سزائون ٻڌايون هيون. اهڙن ماڻهن کي زبردستي ۽ لالچون ڏئي نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا ڏانهن موڪليو ويو هن سان گڏ ملڪ مان ڪامنس ڪلاس جون بيواهه عورتن جو جهاز ڀري پڻ آسٽريليا ڏانهن لڏايو ويو هو. انهن ٻيٽن جي زمين ڪالونائيز ڪري تخت جي نالي ڪئي وئي ۽ بعد ۾ انهن موڪليل ماڻهن کي الاٽ ڪئي وئي. اهڙي طرح انهن کي آباد ڪري ڪالونيون ٺاهيون ويون. اڄ ڪلهه جيڪا آسٽريليا ۽ نيوزي لينڊ جي اڇي چمڙي واري آبادي آهي، گهڻو ڪري انهن برطانين جو اولاد آهي. ڏکڻ آفريڪا کي پورتگالين 1487ع ۾ دريافت ڪيو. جيئن ته ڏکڻ آفريڪا جو ملڪ آفريڪا کنڊ ۾ آهي پر هن جي آبهوار يورپين لاءِ موافق هئي ان ڪري يورپي اتي سيٽلمينٽ ڪرڻ لاءِ آماده هئا. پر ان تي 1652ع تائين ڊچ ايسٽ انڊيا ڪمپني جنهن جو تعلق هالينڊ سان هو ۽ مذهبن پروٽيسٽنٽ هئا پورتگالين کان کسي اتي پنهنجي پهرين سيٽلمينٽ قائم ڪئي. پر هڪ سئو سالن کان پوءِ انگريز جيڪي خود پروٽيسٽنٽ هئا انهن سائوٿ آفريڪا ۾ فرانسيسين جو اثررسوخ وڌندو ڏسي ڏکڻ آفريڪا جو ڪنٽرول پنهنجي هٿ ۾ ورتو ان هوندي جو هالينڊ ان مان ناراض هو پر ڇو ته ٻنهي جو مذهب ساڳيو هو ان ڪري ٻنهي جو سياسي تعاون اڳتي به جاري رهيو. ڏکڻ آفريڪا ڏانهن اهڙن ماڻهن کي لڏايو ويو جيڪي مذهبي طور پروٽيسٽنٽ هئا ڇو ته ان وقت مذهبي ريفارمز جو دور هو، هن ۾ غيرانگريز ماڻهن کي شامل رکيو ويو.

ڪينيڊا شروع ۾ فرينچ ڪالوني هو ۽ اتي فرينچ به آباد هئا پر انگلينڊ ۽ فرانس وچ ۾ ٿيل ست سالن جي جنگ دوران جيڪا يورپ کان لاوا هندستان ۽ آمريڪا کنڊ ۾ ٻنهي جي وچ ۾ وڙهي وئي هئي نتيجي ۾ فرانس کي شڪست آئي ۽ برطانيه ڪينيڊا تي قبضو ڪري ورتو جنهن کان پوءِ اتان جي هڪ صوبي ڪيوبڪ کي ڇڏي ڪري باقي علائقن کي برطانوي نوبل طبقي جي ماڻهن کي سخت شرطن هيٺ اتي آڻي آباد ڪيو ويو اهو ئي سبب آهي جو اڃان تائين ڪينيڊا دنيا جي وڏن ملڪن هوندي ڇڊي آبادي وارو ملڪ آهي. پنجابي خاص طرح سک برطانوي فوج ۾ سپاهي هجڻ ڪري برطانوي سرڪار سان هج ڪئي ته کين به ڪينيڊا ۾ آباد ڪيو وڃي. پنجابي ماڻهو ڇو ته کيتي ۾ هوشيار آهن ان ڪري پهريان ته کين انڪار ڪيو ويو پر اڳتي هلي ڪينيڊا ۾ زراعت ڪرڻ لاءِ کين آباد ڪيو ويو ۽ اڄ پنجابي ڳالهائيندڙن جو وڏو انگ اتي آباد آهي.

انگريز حڪومت ۾ گڏيل هندستان کي برٽش انڊيا چيو ويندو هو. اِنڊمان ۽ نڪوبار جيڪو ٻيٽن جو هندي وڏي سمنڊ ۾ گروپ آهي جنهن کي سنڌ ۾ ڪارو پاڻي چيو ويندو آهي ۽ اتان جي آبهوا انساني آبادي لاءِ موافق نه آهي اتي ڪالوني جي بنيادي ضرورتن جن ۾ ڀاڄي پوکڻ، ڊکڻ، لوهار ۽ روڊ رستا ٺاهڻ لاءِ ڪم ڪرڻ جي لاءِ هندستان مان خاص طرح خطرناڪ ڏوهاري قسم جي ماڻهن کي ۽ ڪيئي سياسي اڳواڻ ۽ ڪارڪن شامل هئا ۽ اهي قيدي جن جي عمرقيد واري سزا ڏنل هئي آڻي آباد ڪيا ويا. هن وقت اهي ٻيٽ هندستاني رياست ۾ شامل آهن. سنگاپور کي آباد ڪرڻ لاءِ برٽش انڊيا مان مٿي بيان ڪيل کان گهٽ ڏوهن ۾ سزا مليل ماڻهن کي آباد ڪيو ويو هن کان سواءِ انگريز سرڪار طرفان انڊيا ۾ ٽرائيبل ڪرائم ايڪٽ پاس ڪري پوري قبيلي کي جلاوطن ڪري فجي، ڪيريسن ۽ ماريشس ٻيٽن ڏانهن زرعي مقصدن لاءِ آباد ڪيو ويو. هن کان سواءِ هندستان جي ننڍن واپارين جن ۾ دڪاندار، گهورارو ۽ ڦيري وارا شامل آهن کي لالچون ڏئي اوڀر آفريڪا ۽ ڏکڻ آفريڪا ملڪن جي شهرن ۾ آباد ڪيو ويو اڄ به ڪينيا، تنزانيه ۽ ڏکڻ آفريڪا ۾ انهن جو اولاد آهي.

يهودين پنهنجو وطن وٺڻ لاءِ ترڪي کي ڪافي مالي پيشڪش ڪئي پر ترڪي وارن کين رڳو فلسطين ۾ زيارتن جو حق ڏنو ۽ انهن جاين تي چندي جون پيتيون رکيون ته جيئن انهن ۾ پيل نذراني مان زيارتن جي سنڀال ڪري سگهجي. پهرين جنگ عظيم کان پوءِ فلسطين جو ڪنٽرول برطانيه کي مليو جنهن لڪ چوريءَ ۾ يهودين کي اتي آباد ٿيڻ جي اجازت ڏني ۽ يهودين کي دستاويزن ذريعي فلسطينين کان ملڪيت وٺڻ جي اجازت ڏني. ان طريقي کي ريئل اسٽيٽ طريقو به چيو ويندو آهي نتيجي طور يهودين دولت جي زور تي اڻ ڄاڻ فلسطينين کان تمام وڏي مقدار ۾ زمينون خريد ڪيون نتيجو اهو نڪتو ته 1948ع ۾ جڏهن برطانيه کي فلسطين تان هٿ کڻڻو پيو ته ويندي ويندي هن ملڪ کي ملڪيتن آڌار ورهايو ۽ ايئن اسرائيل جو قيام عمل ۾ آيو. فلسطين ڏانهن يهودي لڏپلاڻ پٺيان يهودي تنظيم، برطانيه ۽ آمريڪا جو آشيرواد رهيو. ۽ انهن هٽلر جي ظلم کي بنياد بڻائي دنيا جون همدرديون حاصل ڪيون. 1948ع ۾ فلسطين جي ورهاڱي بعد جنهن کي اقوام متحده تسليم ڪيو هو اسرائيل رياست جو قيام عمل ۾ آيو جنهن بعد ۾ کلم کلا يهودين جي آبادڪاري شروع ڪري ڏني ۽ سڄي دنيا جي يهودين کي فلسطين ۾ آباد ٿيڻ جي دعوت ڏني. يهودين کي فوجي سکيا ۽ هٿيار آمريڪا ۽ برطانيه ڏنا. فلسطين ۾ وڌندڙ ڌاري آبادڪاري تي جڏهن فلسطيني احتجاج ڪن پيا ته آمريڪا اقوام متحده ۾ ان رڪاوٽ کي ويٽو ڪري ڳالهه غير موثر بڻائي ڇڏي ٿي.

جولاءِ 1947ع ۾ برطانوي پارليامينٽ انڊپيڊنٽ آف انڊيا ايڪٽ پاس ڪيو جنهن مطابق هندستان کي ورهايو ويندو ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ مسئلا 1952ع تائين نبيريا ويندا. ان ايڪٽ مطابق پنجاب ۽ بنگال کي به ورهايو ويو جنهن جو نتيجو پنجاب ۾ شديد خونريزي جي صورت ۾ نڪتو. ان تي ٻنهي صوبن هرهڪ هندستاني پنجاب ۽ پاڪستاني پنجاب جي گورنرن جي ميٽنگ ٿي ۽ طئي ڪيو ته ٻنهي صوبن مان مذهبي اقليت مسلمان ۽ هندن کي قانوني طور تي لڏايو ويندو ۽ انهن جي ڇڏيل ملڪيت عيوض نئين ملڪ ۾ عيوضي طور ملڪيت ڏني ويندي ۽ اهو به طئي ٿيو ته جنهن ضلعي جا ماڻهو نئين ضلعي ۾ آباد ٿيندا ته ان مان اٿاريل ماڻهن کي لڏيل ماڻهن واري ضلعي ۾ رهايو ويندو. ان مطابق هندستاني پنجاب جنهن ۾ هريانه به شامل هو مان آيل ماڻهن کي پاڪستاني پنجاب ۾ رهايو ويو. مٿين رٿا مطابق ضلعي جهنگ مان لڏايل ماڻهن کي پاڻي پٽ ۾ رهايو ويندو ۽ اتان آيلن کي ضلعي جهنگ ۾ آباد ڪيو ويندو. ملتان وارا ڪرنال ۽ ڪرنال وارا ملتان ۾ آباد ڪيا ويندا. جنهن تي شروع ۾ عمل به ڪيو ويو پر بعد ۾ پاڪستاني پنجاب ۾ اصلوڪن اهو محسوس ڪيو ته ان سان نوان آيل ماڻهو سياسي اتحاد ٺاهي اصلوڪن تي حاوي ٿي سگهن ٿا ان ڪري ان رٿا تي عمل درآمد روڪيو ويو منصوبه بندي ختم ٿيڻ سان مهاجر ڪيمپن ۾ ڪافي ماڻهو ڦاسي پيا ۽ ڪيترا پنهنجي مرضي وارن ضلعن ۾ وڃي آباد ٿيا جيئن ته انبالا ڊويزن جي مادري ٻولي پنجابي نه هئي ۽ اهي دهلي جي ويجهو هجڻ ڪري ماضي ۾ مسلمان حڪومت هجڻ ڪري سرڪش به رهيا انهن نئين ملڪ ۾ سمجهيو ته دهلي جي سلطنت بحال ٿي وئي آهي ۽ سندن عروج موٽي آيو آهي مهاجر ڪيمپن ۾ داداگيري شروع ڪري ڏني سندن مطالبو هو ته کين هڪ ئي ڊويزن ۾ آباد ڪيو وڃي جيڪو پاڪستاني پنجاب وارن لاءِ ناقابل قبول مطالبو هو نتيجي طور انهن ڪيمپون ڇڏڻ کان انڪار ڪيو ۽ انهن ۾ ويٺل رهيا. جڏهن ته پنجاب حڪومت انهن کي اتان ڪڍي ميانوالي، حسن ابدال ۽ ملتان ضلعن ۾ رهائڻ چاهيو پر هنن جي انڪار ڪري انهن کي زوري ٽرينن ۾ ڀري موڪلڻ جي ڪوشش ٿي پر هنن جو هڪ ئي ڳالهه تي زور هو ته کين هڪ ئي ڊويزن ۾ آباد ڪيو وڃي.

انهن ڏينهن ۾ پنجاب جي گورنر فرانس موڊي سنڌي جي وزير اعليٰ ايوب کهڙو کي پنجاب اچڻ جي دعوت ڏني ۽ ان دوران کيس اتي موجود پناه گير ڪيمپن جو دورو ڪرايو ويو جنهن پٺيان گورنر جو مقصد هو ته سنڌ گهٽ ۾ گهٽ ٽي لک مهاجرن کي قبول ڪري ان تي کهڙو صاحب انڪار ڪيو ان بعد انهن ڪيمپن ۾ به گوڙ شروع ٿي ويا، جنهن تي اتان جي انتظاميه ڪاوڙ ۾ اچي انهن کي زوري ٽرينن ۾ چاڙهي سنڌ روانو ڪيو ۽ ريلوي ڊرائيورن کي چيو ويو ته جيڪي جاتي لهن انهن کي اتي لاهيندا وڃو ۽ مهاجرن کي تصور ڏنو ته توهان کي هڪ ئي ڊويزن ۾ رهائڻ لاءِ موڪلي رهيا آهيون، ڇو ته ان وقت سنڌ صوبو هڪ ئي ڊويزن هو. ان بعد يو پي مان مسلمانن جي آمد شروع ٿي جيڪا گهڻي ڀاڱي لاهور رستي هئي اهي ٽرينون جڏهن پنجاب پهتيون ته انهن کي اهو چئي اڳتي روانو ڪيو ويو ته پاڪستان اڀي آگي هي.

حيدرآباد مان سنڌي هندن جي خالي پيل جڳهن ۾ جوڌپور، مارواڙ، جئه پور ۽ اجمير کان آيلن رهائش اختيار ڪئي هي ماڻهو اڪثر راجستان جي ٻهراڙي کان آيل هئا جن ميرپور خاص ۽ حيدرآباد ۾ رهائش اختيار ڪئي، يو پي کان مهاجر ٽرينون بعد ۾ کوکرا پار کان حيدرآباد اچڻ شروع ٿيون جن لاءِ بعد ۾ لطيف آباد جوڙائي وئي. لياقت علي خان يو پي ۽ دهلي مان نوڪري پيشه ۽ ريڊيو ٽي وي لاءِ اردو فنڪار گهرائڻ لاءِ خاص ٽرينون موڪليون جن کي ڪراچي اسٽيشن تي خاص طرح رسيو ڪيو ويو. اهو سلسلو 1952ع تائين هلندو رهيو. 1952ع کان پوءِ پنجاب ۾ انبالا ڊويزن کان آيل جن جي مادري ٻولي پنجابي نه هئي، انهن کي سنڌ ۾ اچي آباد ڪيو ويو. جيئن ته هريانه پوئتي پيل علائقو هو ان ڪري اتان جي ٻهراڙي مان آيل ماڻهن اندرون سنڌ کي ترجيح ڏني جن کي ڀليڪار چوڻ ۾ ان وقت نواب شاهه جو ڊپٽي ڪمشنر جنهن جو اوڀر پنجاب سان تعلق هو وڏو ڪردار ادا ڪيو. لياقت علي خان دور ۾ دهلي کان آيلن کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو. هڪڙا سرڪاري ملازم ۽ ٻيا ٻهراڙي وارا. ملازمن لاءِ فيڊرل بي ايريا ٺهرايو ويو پوءِ لياقت آباد ٺهيو ۽ ٻهراڙي وارن لاءِ ڪرنال ڪالوني ۽ ڪنواري ڪالوني ٺاهي وئي. خواجه ناظم الدين جي دور ۾ پڻ آبادڪاري جو سلسلو جاري رهيو. ۽ ڪالوني کي ناظم آباد جو نالو ڏنو ويو. حيدرآباد دکن تي هندستان جي قبضي کان پوءِ وري آمد شروع ٿي. انهن کي آباد ڪرڻ لاءِ بهادر آباد ٺهرائي وئي. ان وقت سنڌ جي وزير اعليٰ پير الاهي بخش حب الوطني جو ثبوت ڏيندي شهر جي هڪ وڏي ايراضي آبادڪاري لاءِ ڏني جنهن کي پي آءِ بي ڪالوني جو نالو ڏنو ويو. ان کان پوءِ ايوب خان جو دور آيو ته هزاره، مانسهره، ايبٽ آباد مان روزگار جي نالي ماڻهن کي ڪراچي آڻي آباد ڪيو ويو جن کي آباد ڪري ڪالوني کي ڪورنگي جو نالو ڏنو ويو.