ملڪي سياست جا راز ۽ جمهوري نظام

0
156
ملڪي سياست جا راز ۽ جمهوري نظام

 اڳوڻو وزير اعظم عمران خان لانگ مارچ ذريعي ته وقت کان اڳ عام چونڊن جو اعلان ڪرائڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو، ان بعد عمران خان جلد عام چونڊون ڪرائڻ لاءِ پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبليون ٽوڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو جنهن کي به ڪافي ڏينهن ٿي ويا آھن جيڪي خبرون اچي رهيون آھن انهن کي ڏسجي ٿو ته فوري طور تي پنجاب اسيمبلي ٽٽندي نظر نه پئي اچي، ڇو ته پرويز الاهي جا بيان ان حوالي سان واضح اشارا ڪري رهيا آھن،جيڪڏهن پنجاب اسيمبلي کي ٽوڙائڻ ۾ عمران خان ڪامياب نه ٿيو ته پوءِ ڪي پي  اسيمبلي به ٽٽندي نظر نٿي اچي. عمران خان ٻنهي صوبن جون اسيمبليون ٽوڙڻ جو اعلان ڪرڻ کان اڳ جيڪڏهن پنهنجي اتحادي ق ليگ سان مشاورت ڪري ها ته شايد اهڙي اعلان ڪرڻ ۾ جلدبازي نه ڪري ها پر عمران خان وٽ لانگ مارچ جو ڪو نتيجو نه نڪرڻ بعد لانگ مارچ کي ختم ڪرڻ  وقت ڪو اهڙو اعلان ڪرڻو هو جنهن سان عمران خان جي لانگ مارچ ۾ ناڪامي کي لڪائي سگهجي پر هاڻي ان اعلان تي عملدرآمد کيس پريشان ڪري رهيو آھي. عمران خان ان صورتحال مان نڪرڻ لاءِ پنهنجي موقف جي ابتڙ موجوده حڪومت کي ڳالهين جي به پيشڪش ڪئي پر “گاريون، شرط ۽ ڳالهيون” گڏ نٿا هلي سگهن جو موقف اختيار ڪري حڪمران اتحاد کيس غير مشروط ڳالهين جي آڇ ڪئي آھي. ڏسجي ته پهريان ته عمران خان موجوده حڪومتي اتحاد ۾ شامل پارٽين جي قيادت کي چور ڌاڙيل قرار ڏئي انهن سان ڳالهيون ڪرڻ ته پري جي ڳالھه پر قومي اسيمبلي ۾ جڏهن اپوزيشن ليڊر شهباز شريف هو تڏهن ان  سان هٿ ملائڻ به پسند نه ڪندو هو هاڻي  پي ٽي آءِ  انهي سان ڳالهين لاءِ ويهڻ لاءِ تيار ٿي وئي آھي جنهن مان اهو اندازو ڪري سگهجي ٿو ته پي ٽي آءِ  ڪهڙي صورتحال ۾ اچي ڦاٿي آھي. پر سوال هي آھي ته ڇا پنجاب ۽ ڪي پي  اسيمبلي ٽوڙڻ سان جيڪڏهن قومي اسيمبلي، سنڌ اسيمبلي، بلوچستان اسيمبلي نٿي ٽٽي ۽ رڳو پنجاب ۽ ڪي پي  اسيمبلي جي صوبائي تڪن تي چونڊ ٿئي ٿي ته ڇا ان سان پي ٽي آءِ  کي فائدو ٿيندو؟  انهي تي  غور ڪرڻ وقت اهو سوال ذهن ۾ تري اچي ٿو ته 2018ع جي عام چونڊن ۾ پي ٽي آءِ کي جيئن واضح طور طاقتور ڌرين جي حمايت هئي ڇا اها هن وقت آھي؟جيڪڏهن اها حمايت پي ٽي آءِ کي مليل نه آھي ته پوءِ پي ٽي آءِ ان ن ليگ جنهن کي سمورين طاقتن جي حمايت باوجود پنجاب ۾ بري طرح شڪست نه ڏئي سگهي ان کي هاڻ شڪست ڪيئن ڏئي سگهندي؟ ڪٿي صوبائي اسيمبلين مان استعيفيٰ وارو مامرو پي ٽي آءِ لاءِ نقصان جو سودو ته ثابت نه ٿيندو. سوال هي به آھي ته جيڪڏهن پنجاب ۽ ڪي پي  اسيمبلي ٽوڙڻ سان رڳو انهن ٻنهي اسيمبلين جي تڪن تي چونڊ ٿي ڇا اهو مامرو ملڪ اندر نئين چونڊ کان پوءِ به نئين انتشار ۽ عدم استحڪام جو سبب نه ٿيندو. جيڪڏهن ملڪ ۾ هلندڙ سياسي ڇڪتاڻ ايئن هلندي رهي ته پوءِ ملڪ ۾ معاشي صورتحال ڪٿي ملڪ کي نئين بحران ۾ ته مبتلا نه ڪري ڇڏيندي خير ان طرف ڪير سوچيندو. هن وقت پي ٽي آءِ ۽ حڪمران اتحاد طرف ڏسجي ٿو ته انهن کي پنهنجو پنهنجو فڪر آهي عمران خان سمجهي ٿو ته هن وقت هو تمام گهڻو مقبول آھي ان ڪري مقبوليت گهٽ ٿيڻ کان اڳ فوري طور تي عام چونڊون ٿيڻ گهرجن. موجوده حڪمران اهو سمجهن ٿا ته فوري چونڊون انهن جي سياسي مفادن ۾ نه آھن پر اهو ڪير نٿو سوچي ته عوامي ۽ ملڪي مفاد ۾ ڇا آھي اسان جي ملڪ ۾ سياست جهڙو انداز اختيار ڪيو آھي اهو انداز عوام کي سياست کان وڌيڪ پري ڪري ڇڏيندو، ملڪي سياست ڪهڙي انداز ۾ ٿي رهي آھي ان جا اشارا تازو ٽن انٽرويوز ۾ ڏنا ويا آھن.

پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي، پرويز الاهي جي پٽ مونس الاهي ۽ اڳوڻي وزير اعظم عمران خان تازو ڌار ڌار انٽرويو ڏنا آھن جيڪي هن ملڪ جي سياسي ۽ جمهوري نظام جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ لاءِ ڪافي آھن. اهي انٽرويو ملڪ اندر سياست ڪيئن طاقتور ڌرين جي ڪلھن تي چڙهي ڪئي وڃي ٿي کي به وائکو ڪن ٿا ته سياست دان ڪيئن  آئين ۽  قانون کي نظر انداز ڪري  ڪٺ پتلي وانگر ڪم ڪن ٿا کي به چٽو ڪن ٿا. اهي انٽرويو اسان جي سياست ۾ طاقتور جي اشاري ۾ ڪيتري طاقت آھي جي ڪهاڻي کي به سمجهائڻ لاءِ ڪافي آھن نه رڳو ايترو پر اهي انٽرويو اڳوڻي آرمي چيف جي سياست ۾ مداخلت نه ڪرڻ واري دعويٰ تي به سوال اٿاري ڪيترائي سوال پيدا ڪري رهيا آھن. اوهان کي ٻڌائيندو هلان ته جڏهن عمران خان خلاف عدم اعتماد جي رٿ آندي پئي وئي تڏهن ق ليگ جي سربراهه چوڌري شجاعت ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري وچ ۾ جيڪي  ڳالهيون ٿي رهيون هيون چوڌري شجاعت انهن ڳالهين جي هر ويهڪ ۾ پرويز الاهي کي شامل ڪيو هو جيڪو به اڳوڻي صدر سان مامرو طئه ڪيو ان فيصلي ڪرڻ ۾ پرويز الاهي شامل هو پر اوچتو پرويز الاهي پلٽو کائي عمران خان جي ڪيمپ ۾  وڃي شامل ٿيو. ان وقت ماڻهو حيران ٿيا هئا مختلف سوال به اٿاريا ويا هئا پر پرويز الاهي اهو فيصلو ڇو ڪيو بابت پاڻ ئي اهم انڪشاف ڪيو آھي ته “جنرل قمرجاويد باجوا چيو ته توهان لاءِ  عمران خان سان گڏجڻ وارو رستو بهتر آھي باقي پاڻ سوچي وٺو، ان طرف الله تعالي اسان کي رستو ڏيکارڻ لاءِ قمر جاويد باجوا کي موڪلي ڇڏيو” جڏهن ته پرويز الاهي جي پٽ مونس الاهي ته بلڪل واضح طور تي چئي ڇڏيو آھي ته“ بي اعتمادي جي رٿ وقت جنرل باجوه عمران خان جو ساٿ ڏيو، جنرل قمر جاويد باجوا درياءَ جو مڪمل رخ پي ٽي آءِ طرف موڙي رکيو هو پي ٽي آءِ وارا ٽي وي تي اچن ته کين ٻڌائيندس ته جنرل باجوه توهان لاءِ ڇا ڪجھه نه ڪيو آھي ”  پرويز الاهي ۽ مونس الاهي جون اهي ڳالهيون ان وقت جي سياسي صورتحال بابت آھن جڏهن اهو چيو پئي ويو ته فوج سياست ۾ مداخلت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري چڪي آھي، پر پرويز الاهي ۽ مونس الاهي جون ڳالهيون ته ڪا  ٻي داستان ئي بيان ڪري رهيون آھن ۽ اهو به ٻڌائي رهيون آھن ته سياست ۾ سياسي ڌريون ڪيئن هڪ پارٽي کان ٻي پارٽي ۾ وڃن ٿيون. اهم عهدي تي رهندڙ جي ڳالھه انهن لاءِ رت جي رشتن کان به تمام گهڻي اهميت رکي ٿي جنهن جو واضح ثبوت مونس الاهي ۽ پرويز الاهي جي مٿي ڄاڻايل ڳالھه ٻولهه  آھي پر ان کان به وڏي ڳالھه پرويز الاهي اها ڪئي آھي ته پنجاب ۾ عثمان بزدار کي وڏي وزير ڪرڻ جو فيصلو  آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي ڊي جي فيض حميد ۽ جهانگير ترين جو هو.  مونس الاهي جو اهو چوڻ ته پي ٽي آءِ وارا ٽي وي تي اچي بحث ڪن ته کين ٻڌائيندس ته جنرل باجوه پي ٽي آءِ لاءِ ڇا ڪجھه نه ڪيو. ان کان به وڏي ڳالھه ته اڳوڻي وزير اعظم عمران خان اها ڪئي آھي ته “جنرل باجوه سان ساڍا ٽي سال گذاريا پهريون ڀيرو احساس ٿيو ته منهنجي ڪيتري ڪمزوري هئي ڇو ته ان تي ڀروسو ڪري وٺندو هيس جنرل باجوه جيڪو به مونکي چوندو هو مان ها ڪندو هيس مونکي معلوم نه هو ته ڪنهن ريت مونکي ڌوڪا ڏنا ويا،ڪوڙ ڳالهايا ويا. اسان جي حڪومت جي آخري ڏينهن ۾ آءِ بي جي مونکي رپورٽ ملي رهي هئي ته گيم هلي رهي آھي مان جڏهن به جنرل باجوه کان پڇان ته اهو چوندو هو ته اهو ٿي ئي نٿو سگهي اسان ته تسلسل چاهيون ٿا، مون جنرل باجوه کان پڇيو هو ته اسان جي سمورن اتحادين کي اپوزيشن طرف وڃڻ جا اشارا ڏنا پيا وڃن ۽ اوهان چئي رهيا آھيو ته اسان نيوٽرل آھيون، مون هڪ ڏينهن کيس چئي ڏنو هو ته اوهان نيوٽرل نه آھيو توهان ڪليئر ڪيو ته اوهان هوڏي آھيو يا هيڏي آھيو بعد ۾ معلوم ٿيو ته مان اڪيلو نه هيس جنهن کي لال بتي پويان لڳايو ويو هو ان ڪافي ماڻهن پنهنجي ساٿين سوڌو کي لال بتي پويان لڳائي رکيو هو. مونس الاهي کي چيو ويو هوندو ته پي ٽي آءِ سان گڏ هلو پر جيڪو ٻيو ( چوڌري شجاعت) ن ليگ ۾ هليو ويو هوڏانهن کان ان کي اپوزيشن ۾ وڃڻ لاءِ چيو ويو هوندو اها ڊبل گيم هلي رهي هئي اڳوڻي آرمي چيف ڊبل گيم کيڏي آھي ان کي ڪهڙو فائدو ٿيو اهو بي نقاب ٿي ويو ”

   پهريان رازن جي ڳالهين تان پردو کڄڻ ۾ سالن جو عرصو لڳي ويندو هو پر هن دور ۾ ڪمرن ۾ ٿيندڙ راز جي ڳالهين تان پردو کڄڻ ۾ دير نه ٿي رهي آھي. جيڪڏهن جمهوري ۽ پارلياماني نظام جو چيف ايگزيڪيٽو (وزير اعظم )آئين کي نظر انداز ڪري ان  آرمي چيف جنهن جي آئيني ذميوراري ملڪ جو دفاع ڪرڻ آھي کان سياسي مامرن بابت حمايت جي اميد رکي ٿو ۽ اها اميد ڪري ٿو ته هو هڪ ڌر ٿي حڪومت  جي سياسي مامرن ۾ مدد ڪندو  ته پوءِ ملڪ ۾ جمهوري نظام  آئين تحت ڪيئن هلي سگهي ٿو، پوءِ فوج جي سياست ۾ مداخلت ڪيئن بند ٿي سگهي ٿي؟ مٿي اڳوڻي وزير اعظم عمران خان، پرويز الاهي ۽ مونس الاهي جي انٽرويوز جا ڪجھه حصا ان ڪري ڏنا آھن جو انهن کي پڙهي ماڻهو ملڪ اندر سياست ڪيئن ڪئي وڃي ٿي جي وارتا کي سمجهي سگهن ۽ اهو به سمجهي سگهن ته عمران خان جي اڳوڻي آرمي چيف مٿان ڪاوڙ ان ڪري نه هئي جو ان سياست ۾ مداخلت ڪئي عمران خان جي ان تي ڪاوڙ ان  ڪري آھي جو ان عمران خان جو ان ريت ساٿ نه ڏنو جنهن ريت عمران خان چاهيو پئي. سوال هي آھي ته ڇا ان طرح جي سياست سان ملڪ اندر جمهوري نظام مضبوط ٿيندو؟  ظاهر آھي ته اهو سياسي انداز جمهوريت کي ڪمزور ڪندو ان طرح سان اقتدار ۾ ايندڙن جي حيثيت هڪ گڏي کان وڌيڪ ڪيئن ٿي سگهي ٿي. مٿي ڏنل انٽرويوز ٻڌائن پيا ته طاقت جو مرڪز ڪير آھي ۽ عوام جي نالي تي سياست ڪندڙ سياستدانن جا اصل چهرا ڪيترا خوفناڪ آھن، اهي اقتدار ۾ اچڻ لاءِ عوام تي ڀروسو ڪرڻ بجاءِ ڪنهن طرف ڏسن ٿا.