اسلام آباد مان ن ليگ جي ٽن ايم اين ايز جي ڪاميابي جا نوٽيفڪيشن معطل

0
58

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي راڄڌاني مان نواز ليگ جي ٽن ايم اين ايز جي ڪاميابي جا نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيا

جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ۽ جسٽس ارباب محمد طاهر تي ٻڌل 2 رڪني بينچ فيصلو ٻڌايو

اين اي 47 تان نواز ليگ جي طارق فضل چوڌري، اين اي 46 تان انجم عقيل ۽ اين اي 48 تان راجا خرم نواز جي ڪاميابيءَ جا نوٽيفڪيشن معطل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي

طارق فضل چوڌري جي ڪاميابيءَ کي پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوار شعيب شاهين چئلينج ڪيو هو

انجم عقيل جي ڪاميابي کي عامر مغل ۽ راجا خرم نواز جي ڪاميابي کي علي بخاري چئلينج ڪيو هو