تحريڪ انصاف وفاق، پنجاب ۽ ڪي پي ۾ سني اتحاد ڪائونسل سان اتحاد جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي
چونڊن ۾ کٽي آيل پي ٽي آءِ جا حمايت يافته آزاد اميدوار سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل ٿيندا
پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته سني اتحاد ڪائونسل ۾ شموليت جو سبب مخصوص سيٽون بچائڻ آهي
هن چيو ته قومي اسيمبلي جون اسان 180 سيٽون کٽيون آهن، وفاق، پنجاب ۽ ڪي پي ۾ حڪومتون اسان ٺاهينداسين
هن چيو ته سنڌ ۾ اسان جون کٽيل سيٽون ايم ڪيو ايم کي ڏنيون ويون، پشاور ۾ به اسان کان 7 سيٽون کسيون ويون، فارم 45 تحت اسان جون ڦريل سيٽون واپس ڪيون وڃن
اسلام آباد ۾ ايم ڊبليو ايم ۽ سني اتحاد ڪائونسل جي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي بئرسٽر گوهر چيو ته سني اتحاد ڪائونسل ۾ شموليت جو فيصلو اتفاق راءِ سان ڪيو ويو