استادن جي ٽسٽ ۾ هر مضمون ۾ 45 سيڪڙو مارڪن وارو شرط ختم ڪرڻ گهرجي؟ سوشل ميڊيا تي بحث

0
336

استادن کان ٽيسٽ ۾ هر مضمون ۾ 45 سيڪڙو مارڪن وارو شرط ختم ڪرڻ جو سوشل ميڊيا تي مطالبو ڪيو پيو وڃي، اتي وري ان شرط جي حمايت پڻ ڪئي پئي وڃي. ان سلسلي ۾ لياقت ميراڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته تعليم واري وزير ۽ سيڪريٽري کي هر مضمون ۾ 45 سيڪڙو مارڪن وارو شرط ختم ڪرڻ گهرجي، جنهن تي تسليم عباسي لکيو ته اهو شرط بهتر آهي، اشرف تمراڻي لکيو ته جيڪا ٽيسٽ ٿي آهي اها تعليم وارو وزير سردار شاهه پاڻ حل ڪري ڏيکاري، يوسف معراج لکيو ته اهو شرط ڀلي هجي، فيصل لغاري به ان شرط جي حمايت ڪئي، عبدالخالق سمون لکيو ته جيڪو اميدوار 45 سيڪڙو مارڪون نه کڻي سگهي اهو شاگردن کي وري ڇا پڙهائيندو. سليم ميراڻي لکيو ته پاس به 45 مارڪن تي ڪيو وڃي پوءِ جيڪا ميرٽ لسٽ ٺھي ان موجب ٽاپ تي ايندڙ اميدوارن کي اهل سمجهيو وڃي، هر حصي ۾ 45 پرسنٽ مارڪون شايد ئي ڪنهن کنيون هونديون ۽ 55 مارڪون کڻڻ وارن جو تناسب به گهٽ آھي، ان ڳالھه تي زور ڏنو وڃي ته پاسنگ مارڪون 45 ئي رکيون وڃن ،55 مارڪن جو ريشو به 10 پرسنٽ مشڪل سان هوندو. سهيل ڀٽو لکيو ته جن اهو شرط رکيو آهي پهريان انهن کان ٽيسٽ وٺو ته پتو پوي اهي پاڻ ڪيترا پڙهيل لکيل آهن، پنهل مري تصوير شيئر ڪندي لکيو ته اسڪول يارمحمد مري تعلقو کپرو جي عمارت زبون آهي،حڪيم جهتيال لکيو ته سنڌي گرامر ۾ ڇوڪرن جون دانهون نڪري ويون، عبدالعليم لکيو ته ٽيسٽ مڪمل ٿيڻ ڏيو، 50 سيڪڙو تي مس 20 سيڪڙو پاس ٿيندا فائنل رزلٽ چيڪ ڪيو پوءِ ان حساب سان مطالبو ڪيو، وسيم لغاري لکيو ته 45 سيڪڙو وارو شرط ختم ڪرڻ جو مطالبو جائز آهي، نواز دايو ته پاسنگ مارڪس 45 سيڪڙو شرط رکيو وڃي، علي ڪامران سهتو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته تعليم واري وزير کي استادن جي ٽيسٽ ۾ 45 سيڪڙو سبجيڪٽ پاس وارو لاڳو ڪيل شرط ختم ڪرڻ گهرجي. جنهن تي نهال ڪمار لکيو ته ايئن ڪندو ته ٻيا اميدوار عدالت جو در کڙڪائيندا. امجد علي راهوجو لکيو ته سردار شاهه کان تعليم وارو وزير ٿيڻ جي ٽيسٽ وٺڻ گهرجي، محمد کوسو لکيو ته اهو شرط ختم ٿيڻ گهرجي. صدرالدين عمراڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته آءِ بي اي سکر جو جهڙو سوالي پيپر هو لڳي ٿو ته پاسنگ ريشو 40 سيڪڙو به مشڪل سان بيهندو. جنهن تي امجد شفيع ميمڻ لکيو ته 80 سيڪڙو پاس ٿيا آهن، سوراج رميش لکيو ته جيڪو مال ڏيندو اهو پاس ٿيندو، پٺاڻ ڪمال لکيو ته 20 کان 30 سيڪڙو پاس ٿيندا، ضمير گاد لکيو ته 30 سيڪڙو پاس ٿين اها به وڏي ڳالهه هوندي، ذيشان جوڻيجو لکيو ته 70 کان 80 سيڪڙو مارڪون به ڇوڪرن کنيون آهن.