ارشد شريف جي قتل جي جاچ لاءِ فوري عدالتي ڪميشن جوڙڻ واري استدعا رد

0
400

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ارشد شريف جي قتل جي جاچ لاءِ فوري عدالتي ڪميشن جوڙڻ واري استدعا رد ڪري ڇڏي آھي

 چيف جسٽس اطهر من الله ارشد شريف جي قتل جي جاچ لاءِ فيڪٽ فائينڊنگ ڪميشن جوڙڻ بابت درخواست جي ٻڌڻي هلائي

چيف جسٽس پٽيشنر وڪيل شعيب رزاق کان سوال ڪيو ته ڇا ارشد شريف جي ڪٽنب کي ڪنهن معاونت جي ضرورت آهي، يا ڪير هنن وٽ ويو آهي؟

وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ارشد شريف جو مڙهه اڄ پاڪستان اچي رهيو آهي، جاچ لاءِ فوري طور عدالتي ڪميشن جوڙي وڃي

چيف جسٽس استدعا رد ڪندي چيو ته ڪميشن جوڙڻ واري معاملي تي صحافتي تنظيمن کي به اعتماد ۾ ورتو وڃي

ڊپٽي اٽارني جنرل موقف پيش ڪندي چيو ته ڪينيا جي حڪومت طرفان رپورٽ اچڻي آهي، درخواست گذار کي رپورٽ تي ڪو اعتراض ٿيو ته ڪيس وڌيڪ ٻڌو وڃي

چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته هي ٻن رياستن جو معاملو آهي، رياستي ادارا بهتر طور معاملي کي حل ڪري سگهن ٿا

ھي به پڙھندا

وزيراعظم جو ڪينيا جي صدر سان رابطو، صحافي جي قتل جي شفاف جاچ تي زور

صحافي ارشد شريف غلط فهمي جي بنياد تي پوليس فائرنگ جو نشانو بڻيو: ڪينيا پوليس جو اعتراف