لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپنر احمد شهزاد نوجوان وڪيٽ ڪيپر بيٽر عثمان خان جي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ چونڊ تي سوال اُٿاري ڇڏيو. نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ڪيريئر ۾ مايوس ڪندڙ شروعات کانپوءِ عثمان خان کي آئرلينڊ خلاف سيريز ۾ موقعو نه ڏنو ويو، جڏهن ته کيس ميگا ايونٽ لاءِ اسڪواڊ جو حصو بڻائڻ تي احمد شهزاد ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. هڪ انٽرويوءَ دوران احمد شهزاد چيو ته سليڪشن جو عمل ڪارڪردگي بدران خواهشن يا همدرديءَ جي بنياد هلايو پيو وڃي. هن سوال اُٿاريو ته عثمان خان کي ڪهڙي ڪارڪردگي جي بنياد تي اسڪواڊ جو حصو بڻايو ويو آهي؟