لاهور (م ڊ) قومي احتساب بيورو نيب احتساب جي اڳوڻي صلاحڪار شهزاد اڪبر خلاف جاچ جو دائرو وڌائي ڇڌيو، نجي ٽي وي جي رپورٽ موجب نيب اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي احتساب بابت اڳوڻي صلاحڪار شهزاد اڪبر خلاف جاچ شروع ڪندي سندس اثاثن ۽ ملڪيتن جو رڪارڊ طلب ڪيو آهي، ذريعن موجب نيب سڀاڻي 6 مارچ تائين شهزاد اڪبر ۽ سندس گهرڀاتين جي ملڪيتن جو رڪارڊ طلب ڪيو آهي، جڏهن ته سڄي صوبي جي ڊولپمينٽ اٿارٽيز کان شهزاد اڪبر جي حوالي سان تفصيل فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.