اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ عمران خان آمريڪي سائفر جي حوالي سان ليڪ ٿيل آڊيو کي اصلي قرار ڏئي ڇڏيو، عمران خان آڊيو ليڪ ڪرڻ جو ذميوار شهباز شريف حڪومت کي قرار ڏيندي ان تي عدالت وڇڻ جو اشارو به ڏنو آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سائفر آڊيو ليڪ تي ردعمل ڏيندي چيو ته آڊيو ليڪ ڪري هيڪرز سٺو ڪيو مان ته چوان ٿو ته سڄو سائفر ئي ليڪ ٿي وڃي ته جيئن سڀني کي خبر پوي ته اها ڪيڏي وڏي پرڏيهي سازش آهي. هن چيو ته سائفر معاملي تي اڃا ته مون کيڏيو ئي ناهي، هو ايڪسپوز ڪندا ته اسان کيڏنداسين. عمران خان سائفر بابت آڊيو ليڪ ڪرڻ جو الزام وزير اعظم تي لڳائيندي چيو ته شهباز شريف آڊيو ليڪ ڪري ڏاڍو سٺو ڪيو، مان ته چوان ٿو ته سڄو سائفر ئي ليڪ ٿي وڃي ته جيئن سڀ ڪجهه وائکو ٿئي. هن چيو ته مون کي ته حيرت آهي ته جيڪي ملڪ جا محافظ آهن انهن کي نظر نه پيو اچي ته ملڪ ۾ هي ڇا ٿي رهيو آهي؟ هن چيو ته شهباز شريف هي آڊيو ليڪ ڪرائي آهي اها آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي ڀڃڪڙي آهي سوچيان پيو ته ان معاملي تي عدالت ۾ وڃان. هن چيو ته فون تي ڌمڪيون ڏيندڙ ٻڌي ڇڏين توهان عوام جي ٽيڪس مان پگهار کڻندا آهيو عوام کي ڌمڪيون ڪيئن ٿا ڏيو؟ ڇا اهو ڪم توهان جو آهي؟ چيف اليڪشن ڪمشنر کان وڌيڪ گهٽيا ماڻهو نه ڏٺو آهي، جيڪو حڪم وٺندو آهي هو هڪ چور، ڦورو، ڀڳوڙي ڌاڙيل جا حڪم مڃي ٿو ته ڪهڙي تاريخ تي اسان جون استعيفائون قبول ڪندو. هن چيو ته تون آهين ڪير جو حڪم ٿو مڃين.