ڪيپ ٽائون (اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ لاءِ ڏکڻ آفريڪا پنهنجي پندرنهن رُڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽ بورڊ طرفان سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي جاري ڪيل بيان ۾ عالمي ڪپ لاءِ ٽيم جو اعلان ڪيو ويو. ورلڊ ڪپ ۾ ٽيم جي قيادت ٽمبا بوواما ڪندو جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ، ريزا هينڊرڪس، گيرلڊ ڪوٽِزي، هينرڪ ڪلاسن شامل آهن. ان کانسواءِ سِسانڊا مگالا، ڪيشو مهاراج، ايڊن مارڪرم، لونگي نگيڊي، اينرچ نورٽجي، ڪاگيسو رباڊا، تبريز شمسي، مارڪو جانيسن ۽ وين ڊر ڊوسن اسڪواڊ جو حصو آهن. ياد رهي ته آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جا مقابلا هلندڙ سال پنج آڪٽوبر کان ڀارت ۾ شروع ٿيندا.