آزاد ڪشمير اليڪشن: ٻن سياسي جماعتن ۾ جهيڙو، 2 ڄڻا مارجي ويا، 3 زخمي

0
251
آزاد ڪشمير اليڪشن

ڪراچي(م ڊ) آزاد ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي لاءِ ٿيندڙ چونڊن جي دوران ڪوٽلي واري علائقي ۾ ٻن سياسي جماعتن جهيڙي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، ايس ايس پي راجا محمد اڪمل خان موجب ڪوٽلي جي تڪ ايل اي 12 چڙهيئي ۾ ٻن سياسي پارٽين جي ڪارڪنن ۾ جهيڙو ٿيو، جنهن دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ 3 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. ايس ايس پي جو چوڻ آهي ته جهيڙي دوران مارجي ويل نوجوان جي سڃاڻپ ظهير جي نالي سان ٿي آهي جيڪو پي ٽي آءِ جو ڪارڪن هو، واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، زريعن جو جهيڙو پ پ ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي وچ ۾ ٿيو جنهن دوران فائرنگ ڪئي وئي ۽ پي ٽي آءِ جي ڪارڪن مارجي ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي کانپوءِ علائقي ۾ پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي ۽ علائقي جي صورتحال مڪمل طور تي ڪنٽرول ۾ آهي، پولنگ جو عمل کي به روڪيو ويو آهي. واضح رهي ته اڄ آزاد ڪشمير اسيمبلي جي 45 سيٽس لاءِ ووٽن جو عمل جاري آهي جنهن سلسلي ۾ آزاد ڪشمير ۾ 33 ۽ پاڪستان ۾ ڪشميري پناهگير 12 سيٽيس تي ووٽ جو حق استعمال ڪري رهيا آهن. جڏھن تھ آزاد ڪشمير جي مختلف پولنگ اسٽيشنز تي بھ جھيڙن جا واقعا پيش آيا آھن، 3 ڄڻا زخمي پڻ ٿي پيا.