آرهڙ ڏينهن جي اڃ ۽ پاڻي جي تلاش

0
20
آرهڙ ڏينهن جي اڃ ۽ پاڻي جي تلاش

 هاڻي جڏھن گرم لڪن جي موسم عروج تي پهچي چڪي آھي, انسان جانور پکي ۽ جيت پاڻي جي ڳولها ۾ سرگردان آھن ته ان وقت درياء  ۾ به پاڻي گهٽجي چڪو آھي, اڃان پهاڙين تان ڳرندڙ برف جو پاڻي درياء ۾ نه پهتو آھي ۽ نه ئي گهمساني برساتون پيون آھن، نه وري انهن جو پاڻي ندين تائين پهتو آھي. رهيو کهيو درياء جو پاڻي روڪي پاڻي جي کوٽ جو بهانو تلاش ڪيو پيو وڃي. هن وقت ته ڌرتيء جون اکيون به اڃ سبب ڄڻ ته کلي پيون آھن. ساري سنڌ صحرا جو ڀيانڪ ڏيک ڏيئي رهي آھي. سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ پاڻي نه اچڻ ڪري نه سارين جو ٻيجارو پوکجي سگهيو آھي ۽ نه ئي جهنگلي جيوت جي اڃ اجهامي سگهي آھي, اهڙي صورتحال ۾ آبادگار طبقو سخت پريشان آھي, پاڻي جي لڳاتار کوٽ سبب آبادي جو نه ٿيڻ ۽  سخت مهانگائي سبب، سنڌ  جو ماڻھو  ڏکين حالتن ۾ جي رهيو آھي. وري بدقسمتي اها به آھي ته جر جو پاڻي به کارو ٿي ويو آھي، جنهن سان سنڌ ۾ ٿيندڙ ٿوري گهڻي آبادي به ختم ٿي ويئي آھي ۽ آبادگارن ۾ ويتر مايوسي پکڙجي ويئي آھي.

                 هن وقت جڏھن آرهڙ ڏينهن آتش نمرود جيان تپڻ لڳا آھن ته ان وقت  اڃ ۽ اساٽ به وڌڻ شروع ٿي ويئي آھي، جنهن ڪري پاڻي جي گهرج ٻيڻي وڌي ويئي آھي. جهنگلي جيوت کان ويندي چوپائي مال تائين، سنڌ جي مٿانهن پٽن کان ويندي ڪوهستان ۽ ريگستان جي اڃايل جانورن ۽ ماڻھن  تائين سڀ جو سڀ پاڻي لاءِ سِڪندا رهيا آھن. پيئڻ جي پاڻي جي وڏي کوٽ به خاص ڪري هن موسم ۾ درپيش ايندي  آھي. هاڻي ته سنڌ جي اڪثر اڃارن علائقن جا ماڻھو پاڻي لاءِ سراپا احتجاج آھن پر حڪومت انهن کي پاڻي ڏيڻ ۾ ناڪام رهي آھي. جيتوڻيڪ  هن موسم ۾ جيستائين برساتون نه ٿيون پون ۽ برف نٿي ڳري تيستائين  درياءَ ۾ به پاڻي گهٽجي وڃي ٿو، پر ان جو اهو مطلب نه آهي ته پاڻي جي کوٽ جو سبب ڄاڻائي سنڌ واسين کي اڃ ۾ تڙپائجي ۽ حڪومت پاڻي مهيا ڪرڻ جي ذميداري کان پاڻ کي آجو قرار ڏيئي ڇڏي.

آئون باه جهڙي تتل موضوع کي ڇڏي ماضي جي ياد ڏانهن موٽان ٿو, جيئن ٻپهري ويل ٻڪريون ڪونڀٽ جي ڇانو ڏانهن موٽنديون آھن. گهڻان ڏينهن  اڳ سمان دور ۾ وهندڙ ڦٺوڻ نالي دريا جي قديمي ڦاٽ وٽان لنگهي رهيو هوس ته ڏٺم ڪجھ ماڻھو ڦاٽ جي ڪنڌي کان کوه کوٽي رهيا هئا. سنڌ ۾ آڳاٽي وقت ۾ جڏھن ٽيوب ويل يا وري نلڪا نه هئا ت ماڻھو کوه کوٽيندا هئا. انهن کي ڄار جي ورڙين سان اندران، ان ڪري ٻڌندا هئا ته جيئن کوه نار ڏيڻ بعد پاڻي جي دٻاءَ تي ان جا ڪنارا هيٺ ڊھي نه پون ۽ کوه جو نار بند نه ٿي وڃي. کوهن جي ان دور جي پڄاڻي تي نلڪا ايجاد ٿيا ۽ هرلن جي جاءِ تي ٽيوب ويل اچي ويا. آبادگارن ٽيوب ويلن تي زمينون آباد ڪرڻ شروع ڪيون پر ٻن ڏھاڪن کان ڊائون اسٽريم ۾ مٺو پاڻي نه ڇڏڻ ڪري کارو پاڻي مٿي چڙھڻ لڳو، جنهن سبب ڪيترڻ ئي علائقن ۾ جر جو پاڻي کارو ٿي ويو ۽ ٽيوب ويل بند ڪرڻا پيا. زمين بنجر ٿيڻ لڳي  ۽ ماڻھو  مجبور ٿي مٺي پاڻي لاءِ صدائون بلند ڪرڻ لڳا. ان دوران کوه کوٽيندڙ ماڻھن کان پڇيم ته کوه جي جاءِ تي نلڪو يا وري ٽيوب ويل ڇو نه ٿا لڳايو؟ ته هڪ جهونو همراه ٻه قدم ڀري مونوٽ ھلي آيو ۽ هڪ کٻڙ جي وڻ ھيٺان ويهڻ جو اشارو ڪري چوڻ لڳو ته بابا، ٽيوب ويل يا نلڪو ستر اسي فوٽن تائين هيٺ وڃي ٿو، زمين ۾ گهڻو هيٺ سمنڊ ستو پيو آھي، هتي کوه ويهن فٽن تائين ريسال ڏيندو ۽ اهو ريسال وارو پاڻي مٺو هوندو، مال ۽ ماڻھو پاڻي پي اڃ اجهائي سگهندا، باقي ستر اسي فوٽن تائين جر وارو پاڻي گهڻو ڪڙو  هوندو جيڪو ماڻھو ته پي نه سگهندو پر چوپايو به ان کي نه پيئندو. پوڙھي جي چھري ۾ وقت جا ڪانگ پيرا گهرا نشان ڇڏي چڪا هئا. هن ٻڌايو ته بابا منهنجي سئو سال جي لڳ ڀڳ عمر آهي، مون گذريل ويهن سالن ۾ پاڻي جي وڌيڪ کوٽ ڏٺي آھي، ۽ شايد اڳيان هلي اها کوٽ ويتر وڌي وڃي. هن ٻڌايو ته سندس ٻالڪجتي کان ويندي جواني تائين هن سنڌ ۾ ايتري پاڻي جي کوٽ ڪڏھن به نه ڏٺي، جا هن وقت آھي. هن پوڙھي ايئن چئي هٿ سندس پنبڻين مٿان ڦيرائي سامهون رڃ ۾ ڏٺو ۽ پوء اٿي آھستي آھستي اڳيان وڃڻ لڳو. ان وقت منهنجي ذهين ۾  اهي تڙ ۽  پاڻي جا تلاھ ڇوليون هڻڻ لڳا، جن ۾ ننڍي هوندي آرهڙ جي گرمين ۾ وهنجندا هئاسين، جتي ساري ڳوٺ جا ننڍا ٻار ٻنپهرن جو اچي گڏ ٿيندا ھئا، گڏ ٿيڻ کان پوءِ پاڻي ۾ لهي ويندا هئا، پاڻي ۾ گهڻو وقت وهنجڻ سان اکيون ڳاڙھيون ٿي پونديون هيون ۽ لڙاٽيل پاڻي جي مٽي بت تي ڄمي ويندي هئي, مائٽ ٻارڙن کي تلائن ۾ وهنجڻ کان روڪيندا هئا پر ٻپهري ٿئي پکي وڻن ۾ ويهن ۽ ٻارڙا لڪي ڇپي تڙ جو رخ  نه ڪن، ايئن ٿيندو  ئي نه هو.پاڻي ۾ لهڻ کان پوء  وهنجندڙ ٻارن ۾ ٽٻين جا مقابلا ٿيندا هئا، ۽ پاڻي ۾ ٽٻي هڻي تلاء ۾ تڙڳندڙ هڪ جيڏن کي پڪڙبو هو. ڪڏھن ڪڏھن وري پاڻي جي تري ۾ ويندڙ کي ٻيا ٻارڙا ڳولهڻ لاءِ پاڻ به ڊگهين ٽٻين وارين ساهين ۾ ھليا ويندا هئا، ۽ اهڙي طرح سخت گرمي جا ڪجھ ڪلاڪ پاڻي ۾ ٻارڙا گذارو ڪندا هئا، جڏھن ڏينهن ٺرندو هو ته هر ڪو ٻار ڪنڌي تي  لاٿل ڪپڙا پائي پنهنجي پنهنجي گهر روانو ٿي ويندو هو. هاڻي جڏھن سنڌ جي ڳوٺن جون شاخون ڍنڍون ۽ ڍورا سڪا پيا آھن. نه انهن ۾ پاڻي رهيو آھي ۽ نه ئي ان دور جا گڏ وهنجندڙ هڪ جيڏا  رهيا آھن. هاڻي ته ماضي ۾ پاڻي جو اهو منظر ڪنهن وسريل خواب جيان رهجي ويو آھي. هاڻي ته پاڻي جو ديوتا سڏجندڙ سنڌو درياء ئي سڪو پيو آھي. سنڌ ۾ ھن وقت جا صورتحال آھي، اها ڪيڏي ته خطرناڪ آھي، جو  ان کي ڏسي ڀئو ورائي ٿو وڃي ته اڳيان هلي ساري سنڌ مستقل صحرا ن بڻجي وڃي.

حڪومت ان ڏڪار جهڙين حالتن کي محسوس ته ضرور ڪري ٿي، ليڪن خبر ناهي ته ڇو ان صورتحال جو حل نه پئي ڳولهي ۽ دل ڀڳي هڏ جيئان ڏکي رهي آھي. ھونئن به جڏھن پٺ تي نظر ڦيرائجي ٿي ته سنڌ جي ساري تاريخ راتاهن، حادثن، ۽ هاڃن سان ڀريل نظر اچي ٿي ، ڪيئي صديون اڳ کان اڃ ڏينهن تائين ڪو اهڙو ڏھاڪو نٿو سجهي، جنهن ۾ سنڌ  هٿرادو يا قدرتي آفتن کان محفوظ رهي هجي، اهڙين ڪرب وارين حالتن ۾ سنڌ جي ساڃاه وندن ۽ حب الوطني جو جذبو رکندڙن لاء ارمان واري ڪيفيت هوندي آھي. گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڌاڙيل راڄ سنڌ جو سڪون تباه ڪري ڇڏيو آھي ۽ حڪومت به ڄڻ ت اهڙي صورتحال ۾ بيوس بڻيل آھي.

جيتوڻيڪ هن وقت ساري سنڌ ۾ ڏڪار جهڙي حالت آھي، مهانگائي عروج تي پهچي چڪي آھي، بجلي گئس مهانگا آھن، دوائن جون قيمتون چوٽ چڙھي چڪيون آھن، غريب ماڻھو ماني لاء پريشان آھن،  حڪومت ماڻھن کي ترقي جا فقط خواب ئي ڏيکاريندي رهي آھي ، جيستائين قوم کي جياپي لاء پاڻي ,نوجوانن کي روزگار ۽ پورهيت ماڻھن کي تحفظ  نٿو ڏنو وڃي تيستائين اهي خوشحالي وارا سارا  تصور اونداهي راتين ۾ راڪاس جيان لڳن ٿا.

انب وڻن تي تاڙا, ٻوليندي نه ٿڪن،

ويجها شال اچن، وري سانوڻ ڏينهڙا.